لاڙڪاڻو (ن ع آ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي مڪاني نظام کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙن جي ڪوششن جي ساراهه ڪئي آهي ۽ پاڪستان ۾ اندروني ۽ ٻاهرين دهشت گردي جي لهر سان مقابلو ڪرڻ لاءِ قومي ٻڌي جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. بلاول ڀٽو زرداري افطار پروگرام ڪرائڻ ۽ مقامي نمائندن سان ڳالهه ٻولهه جو موقعو فراهم ڪرڻ تي لاڙڪاڻي جي ميئر انور لهر جو شڪريو ادا ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته سنڌ واحد صوبو آهي جتي مڪاني نظام مڪمل طور تي فعال آهي ۽ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ اهو سڀ کان وڌيڪ طاقتور آهي. هن سنڌ جي نئين مڪاني نظام کي انتظامي، مالي ۽ سياسي طور تي ٻين صوبن خيبرپختونخوا، پنجاب ۽ اسلام آباد کان وڌيڪ مستحڪم قرار ڏنو. هن چيو ته سنڌ ۾ مسلسل چونڊون ٿي رهيون آهن، ۽ مڪاني نظام کي هر طرح سان مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. جڏهن ته ٻين صوبن ۾ بلدياتي نظام کي فعال ڪرڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن، رڳو قانون پاس ڪرڻ ۾ ٻين صوبن ۾ مسئلا ٿين ٿا، سنڌ ۾ ان کي مڪمل طور تي فعال ڪيو ويو آهي. بلاول ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت خلاف هلائي ويندڙ ڪردار ڪشي مهمن تي تنقيد ڪندي چيو ته انهن مهمن جو مقصد ڪراچي کي ڌار ڪرڻ ۽ صوبي جي وسيلن جو استحصال ڪرڻ آهي. هن چيو ته ڪجهه مهينا اڳ اشارو ڏنو هو ته انهن مهمن پٺيان پراڻيون خواهشون آهن. پيپلزپارٽي انهن مهمن کان آگاهه آهي، اسان عوامي ميدان، ميڊيا سميت هر سطح تي ان جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. اهڙيون سازشون ماضي ۾ به ناڪام ٿيون هيون، اڳتي به ناڪام ٿينديون. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي نمائندا، سنڌ ۽ وفاق ۾، هميشه عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سرگرم رهندا آهن ۽ انهن مهمن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهن. پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پاڪستان کي درپيش اندروني ۽ ٻاهرين دهشتگردي جي لهر ۽ افغانستان جي عبوري حڪومت جي حملن بابت قوم ۾ ٻڌي ۽ سياسي پارٽين ۾ اتحاد جي اهميت تي زور ڏنو آهي. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ سياسي اختلاف ۽ اندروني ڏکيائيون موجود آهن، پر پاڪستان کي موجوده بحرانن ۽ چيلنجن سان گڏجي مقابلو ڪرڻ جي ضرورت آهي. پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جي لهر جاري آهي، ۽ افغانستان جي عبوري حڪومت طرفان پاڪستان تي حملو ڪرڻ کانپوءِ، پاڪستاني فوج ان حملن جو ڀرپور جواب ڏنو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي جو موقف اهو آهي ته ملڪ اندروني ۽ ٻاهرين خطرن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ سڀني سياسي پارٽين ۽ پاڪستاني عوام کي هڪ پيج تي هجڻ گهرجي. حڪومت کي قدم کڻڻ گهرجن ۽ سڀني سياسي پارٽين سان رابطو ڪري گڏيل طور تي اندروني دهشتگردي، ٻاهرين سازشون ۽ قومي مفادن جي مسئلن تي هڪ موقف ڏيڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري اميد ظاهر ڪئي ته ملڪ جا سڀ سياسي اسٽيڪ هولڊرز گڏجي اهڙي پاليسي جوڙيندا جنهن ۾ سياسي اختلافن کي پوئتي ڇڏي اصل مسئلن، جهڙوڪ دهشتگردي ۽ ملڪ مخالف سازشون، جو مقابلو ڪرڻ لاءِ هڪ آواز بڻجي ڪم ڪيو وڃي. ان کان اڳ سمبارا هوٽل ۾ افطار ڊنر واري تقريب ۾ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خاص مهمان طور شريڪ ٿيو جتي هن شرڪت ڪندڙن سان ملاقاتون ڪيون ۽ پارٽي اڳواڻن سان علائقي جي سياسي توڙي بلدياتي معاملن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي تي ايم پي اي نثار احمد کھوڙو، ايم پي اي جميل احمد سومرو، ايم پي اي سهيل انور سيال، ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو، ايم پي اي حزب الله بگھيو ۽ ايم پي اي عادل الطاف انڙ سميت ٻيا پڻ شريڪ هئا.