ڪورنگي(رپورٽ:هدايت الله لاکو) ڪورنگي بلال ڪالوني ۾ فائرنگ واري واقعي کي ڌاڙي جو رنگ ڏيڻ جو ڊرامو ڪوڙو نڪتو، فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان فدا حسين ولد مريد مگسي ٿڏي تي قتل ٿي ويو، زخمي نالي عبدالخالق به دم ڌڻي حوالي ڪيو، مقتولن جي وارثن ۽ علائقي واسين جي احتجاج کان پوءِ ايس ايڇ او ڪي آئي اي ناصر محمود نامزد جوابدارن شعيب، خٽڪ ، وقار خٽڪ ڪجهه اڻڄاتل ماڻهن خلاف ايف آئي آر درج ڪئي، پر جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا، مقتول نوجوان جي والد مريد مگسي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته هي اسان سان ظلم ڪيو ويو آھي، ڪجھه ڏينھن پهريان ٻارن جو جهيڙو ٿي پيو هو، اسان هڪ ٻئي جا پاڙيسري آهيون ، مُنهنجي پُٽ جو جنهن سان جيهڙو ٿيو ٻئي هڪ ڪلاس ۾ پڙهندا ھئا، ٺاهه ڪرائڻ لاءِ پاڙي وارن چيو ته اسين راضي به ٿياسين ، هي ڦر جو ڪوڙو ڊرامو ڪري منهنجي پُٽ کي قتل ڪيو ويو ٻيو همراهه سخت زخمي ڪيو ويو پر هو به رات دير سان دم ڌڻي حوالي ڪيو، پٺاڻن ٿوري ٻارن جي ڳالھه تي اسان جو گھر اجاڙي ڇڏيو ، اسان سان انصاف ٿيڻ گهرجي، پٺاڻن وڏي داداگيري بدمعاشي ڏيکاري آهي، ٻه ڏينهن ٿي ويا آهن پر جوابدار گرفتار ناهن ٿي سگهيا، ٻنهي نوجوانن جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي.