اسلام آباد (بيورو) صدر آصف علي زردازري افغان طالبان جي جارحيت جي جواب ۾ پاڪ فوج جي ردعمل کي جامع ۽ فيصلائتو رار ڏئي ڇڏيو آهي، صدر آصف علي زرداري واضح لفظن ۾ چيو آهي ته پاڪستان امن ۽ علائقائي سالميت تي ڪا به سوديبازي نه ڪندو، امن کي ڪمزوري سمجهندڙ مضبوط جواب لاءِ تيار رهن، ڪو به دشمن اسان جي پهچ کان ٻاهر نه هوندو، پاڪستان کي خبر آهي ته منصوبا ٺاهيندڙ ۽ سهولتڪار ڪٿي موجود آهن، جيڪڏهن خونريزي جاري رهي ته ذميوار عنصر اسان جي پهچ کان ٻاهر نه رهندا، قومي سلامتي تي ڪا به رعايت نه ڏني ويندي، پاڪستاني قوم ۽ هٿياربند فوج وطن جي دفاع لاءِ مضبوطي سان بيٺل آهي، ڇڪتاڻ بابت سفارتي ڪوششن باوجود ڪا مثبت اڳڀرائي نه ٿي سگهي.