حيدرآباد(رپورٽر) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ملڪ کي پيش ايندڙ جنگي صورتحال جي باوجود قوم پرسڪون آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي فوج دشمن جي ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو آهي، پاڪ فوج جي ڪري عوام معمول جي زندگي گذاري رهي آهي ۽ پوري قوم پنهنجي فوج کي سلام پيش ڪري ٿي، حيدرآباد پريس ڪلب ۾ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس پاران صحافين ۾ صحت ڪارڊ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان کي هڪ ٻي جنگ ڏانهن ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر دشمن کي تاريخي ۽ سفارتي سطح تي ناڪامي کي منهن ڏيڻو پيو آهي، ڀارت سڌو سئنون مقابلو ڪرڻ جي همٿ نٿو رکي ان ڪري پراڪسيز جي ذريعي ڪارروائيون ڪري رهيو آهي، ڪڏهن افغان طالبان جي آڙ ۾ ۽ وري ڪڏهن بي ايل اي جهڙي عنصرن ذريعي پاڪستان ۾ دهشت گردي ڪرائي ويندي آهي. پاڪستان هر جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي ۽ اڄ به دشمن ۽ ان جي پراڪسيز کي نقصان کڻڻو پيو. پاڪستان امن ۽ مذاڪرات تي يقين رکي ٿو پر ان پاليسي کي ڪمزوري نه سمجهو وڃي جيڪڏهن ڪنهن پاڪستان طرف ميري اک کان ڏٺو ته ان کي عبرتناڪ جواب ڏنو ويندو. سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ جديد سرڪاري اسپتال قائم ڪيا آهن جتي هر شخص کي بنا ڪنهن فرق مفت علاج مهياڪيو پيو وڃي، صحت سڀ کان قيمتي اثاثو آهي. انڪري صحافين کي هيلٿ ڪارڊز فراهم ڪيا ويا ۽ اڳتي به صحافين جي سهولت لاءِ ڪم جاري رکيو ويندو.