ايران طرفان جوهري افزودگي گهٽائڻ جي آڇ، مسودو آمريڪا کي پيش

واشنگٽن/تهران (م ڊ) هڪ عرب سفير ان ڳالهه جو انڪشاف ڪيو آهي ته ايران طرفان معاهدي جو تجويز ڪيل مسودو آمريڪا  کي پيش ڪيو ويو آهي. اسرائيلي ميڊيا سان ڳالهائيندي عرب سفير جو چوڻ هو ته آمريڪا کي پيش ڪيل مسودي موجب ايران جوهري افزودگي 60 سيڪڙو مان گهٽائي 3.6 سيڪڙو تائين آڻي ڇڏيندو. سفير موجب، ايران مستقبل ۾ جوهري افزودگي 7 سال لاءِ معطل رکڻ جي به آڇ ڪئي آهي. ٻئي پاسي اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي ته آمريڪا في الحال ٻُڙي تائين جوهري افزودگي جو مطالبو ناهي ڪري رهيو، آمريڪا ايران جو موجوده جوهري ذخيرو ٻاهرين ملڪ منتقل ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي پر ايران ملڪ ۾ موجود افزودا يورينيم ٻاهرين ملڪ منتقل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهين جو ٽيون دور جنيوا ۾ جاري آهي. ٽياڪڙ عمان جي مطابق، ٻنهي ملڪن جي نمائندن پيغامن جي مٽا سٽا ڪئي . ڳالهين جو مقصد تڪرار گهٽائڻ آهي. ڳالهيون خميس ڏينهن ٽي ڪلاڪ هليون. ٽنهي ۽ عماني پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪي ۽ ايراني نمائندن "تخليقي ۽ مثبت خيالن” جي مٽا سٽا ڪئي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.