اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته رڳو قبضي يا ڊگهو عرصو زمين رکڻ سان ملڪيت ثابت ناهي ٿي ويندي. سپريم ڪورٽ 1992 ۾ مبينا زباني معاهدي تي زمين جي منتقلي جو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. جسٽس شاهد بلال حسن جاري ڪيل کت فيصلي ۾ قرار ڏنو ته رڳو قبضي يا ڊگهو عرصو زمين رکڻ سان ملڪيت ثابت ناهي ٿيدي، زباني معاهدن جي ڪيسن ۾ ثبوتن جو سخت معيار لاڳو ٿيندو آهي. عدالت درخواست گذار غلام علي جي درخواست منظور ڪري ورتي ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ جج ۽ ٽرائل ڪورٽ جا فيصلا ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيا. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته 1992 جو مبينا زباني معاهدو قانون موجب ثابت نه ڪيو ويو، زباني معاهدو ثابت ڪرڻ لاءِ تاريخ، وقت، هنڌ، شرط ۽ شاهدن جا تفصيل لازمي آهن، عدالتي موقف کان هٽي شاهديون قبولڻ جوڳيون ناهن.