ڪراچي سائيٽ ايريا جي فيڪٽري ۾ باهه، جاني نقصان نه ٿيو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي سائيٽ ايريا ۾ هڪ ٽيڪسٽائل فيڪٽري ۾ باهه لڳي وئي جنهن تي بعد ۾ ضابطو آندو ويو. چيف  فائر آفيسر همايون احمد موجب، صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي ۽ فيڪٽري ۾ موجود ڪيميڪلز جي ڪري باهه تي مڪمل طور تي ضابطو آڻڻ ۾ دير ٿي. وڏي نقصان کان بچڻ لاءِ فائر فائٽرز پهريان فيڪٽري جي بوائلر کي محفوظ ڪيو. ان کان اڳ، شهر جي مختلف هنڌن تان فائر ٽينڊر، اسنارڪل ۽ واٽر بائوزر گهرايا ويا هئا. آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو پوليس عملدارن کي هدايت ڪئي هئي ته فيڪٽري کي محفوظ بڻائڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.