ايران پاران پاڪ-افغان تڪرار جي حل لاءِ ٽياڪڙي جي آڇ

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران پاڪ-افغان تڪرار جي حل لاءِ ٽياڪڙي جي آڇ ڪري ڇڏي.
ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته ايران پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪرائڻ لاءِ تيار آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ”رمضان جي مهيني ۾، جيڪو نفس تي ضابطي ۽ عالمِ اسلام ۾ يڪجهتي کي مضبوط ڪرڻ جو مهينو آهي، اهو مناسب آهي ته افغانستان ۽ پاڪستان موجوده تڪرار سٺن پاڙيسرين واري دائري ۾ رهي ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪن.“
هن وڌيڪ چيو ته ايران ڪنهن به قسم جي مدد لاءِ تيار آهي ته جيئن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه کي آسان بڻائي سگهجي ۽ گڏيل سهڪار کي هٿي ملي سگهي.
واضح رهي ته ايران اڳ ۾ به ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٽياڪڙي جي آڇ ڪري چڪو آهي جڏهن سرحدي ڇڪتاڻ وڌي رهي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.