اسلام آباد(ثقلين مشتاق)روس ۽ چين هاڻي کليءَ طرح ميدان ۾ اچي چڪا آهن. چين ايران ۾ YLC-8B نالي ريڊار نظام به لڳايو آهي، جنهن کي “اسٽيلٿ هنٽر” چيو پيو وڃي. جڏهن ته CM-302 ميزائل بابت به ڳالهيون ٿي رهيون آهن. نار ۾ طاقت جو توازن تيزيءَ سان تبديل ٿي رهيو آهي. آمريڪي فوجي اڳواڻ جنرل ڊان ڪين جو چوڻ آهي ته ايران تي حملو آمريڪا لاءِ هڪ “ڄار” ثابت ٿي سگهي ٿو. وچ اوڀر ۾ صورتحال تيزيءَ سان بدلجي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته روس ۽ چين هاڻي کليءَ طرح ايران کي آمريڪا جي ڪنهن به ممڪن حملي کان بچائڻ لاءِ اڳتي اچي رهيا آهن. اڳ ۾ شايد اهي ڳجهي نموني مدد ڪري رهيا هئا يا کليءَ طرح ظاهر نه هئا، پر هاڻي کليل معاهدن ۽ تعاون جون خبرون اچي رهيون آهن.ايران وٽ روسي نظام پڻ موجود آهن، جهڙوڪ موسڪوا ون جيڪو بغير سگنل خارج ڪئي 400 ڪلوميٽر تائين هدف ٽريڪ ڪري سگهي ٿو.ڪراسخوا 4 ، جيڪو 300 ڪلوميٽر تائين ريڊار ۽ سيٽلائيٽ سگنلن کي جام ڪري سگهي ٿو.انهن سان گڏ ايران وٽ خيبر فور جهڙا ميزائل به آهن، جيڪي انتهائي تيز رفتاري سان سفر ڪن ٿا ۽ وڏو وار هيڊ کڻي سگهن ٿا. گذريل ڪجهه سالن ۾ چين، ايران ۽ روس وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن.چين دنيا جي ٻي وڏي معيشت آهي، جڏهن ته ايران وچ اوڀر ۾ اهم علائقائي طاقت آهي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ فوجي، فني، سائبر سيڪيورٽي ۽ سيٽلائيٽ نيويگيشن (چين جو بيڊو نظام) بابت تعاون وڌي رهيو آهي، جيڪو آمريڪي جي پي ايس جو متبادل سمجهيو وڃي ٿو.جيڪڏهن آمريڪا ايران خلاف فوجي ڪارروائي ڪري ٿو، ته اهو رڳو هڪ علائقائي تڪرار نه رهندو، پر وڏي پيماني تي عالمي بحران ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو.