رائونتي (رپورٽ: برڪت علي گھنڃو) رائونتي ڪچي ۽ پنجاب ڪراچي ڪچي جي سڀ کان وڏو خطرناڪ ڌاڙيل سنڌ ۽ پنجاب ۾ دھشت جي علامت سمجهيو ويندڙ تنوير انڍڙ پنهنجي ساٿي ظفري سميت پنجاب پوليس جي ايس ايس پي عرفان سمون آڏو هٿيار ڦٽا ڪري جديد ھٿيارن سميت پاڻ کي پوليس آڏو پيش ڪري گرفتاري ڏئي ڇڏي، ڌاڙيل تنوير انڍڙ جي سر جي قيمت هڪ ڪروڙ انعام رپيا مقرر ھئي جڏهن ته ظفري جبيل جي سرجي قيمت 50 لک رپيا انعام مقرر هئي، پوليس ذريعن موجب ڌاڙيل تنوير انڍڙ تي ٻن درجن کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن جي شھادت، موٽروي تي حملي ماھي چوڪ جي 9 ڄڻن شھرين کي قتل ڪرڻ ۽ اغوا، پوليس مقابلن سميت سنڌ ۽ پنجاب پوليس کي 45 کان ڌيڪ انتهائي سنگين ڪيسن ۾ گهربل هو.