ڊاڪٽر مهوش جي قاتلن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي: پي ايم اي

ڪراچي (رپورٽر) پي ايم اي ڪراچي جي صدر ڊاڪٽر اسماعيل ميمڻ، سيڪريٽري عبدالغفور شورو، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر شاهده ابراهيم ماسما، پروفيسر شبين ناز،ڊاڪٽر جئپال ڇاپڙيا پي ايم اي هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر مهوش جي قاتلن کي گرفتار ڪري قاتلن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي، پروٽيڪشن آف هيلٿ ڪيئر پروفيشنلزم ايڪٽ جو ملڪ ۾ فوري طور نافد ڪيو وڃي، ماضيءَ ۾ ڪراچي ۾ 130 ڊاڪٽرن جا لاش ڏنا ويا آهن، 2023 کان 2024 جي ٻن سالن ۾ ڊاڪٽرن خلاف تشدد ۾ اضافو ٿيو آهي، صرف هڪ سال ۾ 15 قتل ڪيا ويا آهن، ڪي پي ڪي، بلوچستان ۾ پوليو ٽيمون بارود جي ڍير تي تي فرض ادا ڪري رهيون آهن، 2025 ۾ انهن مٿان 25 حملا ڪيا ويا آهن، ايندڙ 48 ۽ 72 ڪلاڪن ۾ ڊاڪٽر مهوش جي قاتلن خلاف ٺوس قدم نه کنيو ويو ته پي ايم اي ملڪي سطح تي پنهنجي احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.