لاهور/ڪراچي(امداد سومرو) بلاول هائوس جي ميڊيا سيل انچارج سريندر ولاسائي (ايم پي اي) استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. هن پنهنجي استعيفيٰ جو سبب صحت ٻڌايو. سندس تعلق ٿرپارڪر سان آهي.تحقيق دوران معلوم ٿيو ته ٿرپارڪر مان ئي پيپلز پارٽي جو ٻيو ايم پي اي، ارباب لطف الله، پڻ آهي. سريندر ولا مختلف ادارن جهڙوڪ ايف آءِ اي، هوم سيڪريٽري، ڊي جي اينٽي نارڪوٽڪس وغيره کي درخواستون ڏنيون آهن. انهن درخواستن ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته ميرپورخاص ريجن ۾ منشيات (آئيس، ڪرسٽل ميٿ، هيروئن وغيره) کلي عام وڪرو ٿي رهي آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه بااثر ماڻهن جي سرپرستي هيٺ ٿي رهيو آهي.سريندر ولا الزام لڳايو ته کيس قتل جون ڌمڪيون ڏنيون ويون. سندس مامي جي پلاٽ تي قبضي جا به الزام آهن. هن اهو به چيو ته ٻيلن مان ڪاٺ ڪٽڻ تي غيرقانوني پابنديون لڳايون ويون آهن ته جيئن ڪمرشل استعمال لاءِ ڪنٽرول ڪيو وڃي،رابطو ڪرڻ تي .ارباب لطف الله سڀ الزام رد ڪري ڇڏيا. هن چيو ته جيڪڏهن پارٽي جاچ ڪرائڻ چاهي ته هو تيار آهي، ۽ جيڪڏهن الزام ثابت ٿين ته هو ذميواري قبول ڪندو.هاڻي سوال اهو آهي ته جيڪڏهن هڪ ايم پي اي بلاول هائوس ۾ ويهي به بار بار درخواستون ڏئي ۽ پوءِ بيوس ٿي استعيفيٰ ڏئي، ته پوءِ معاملو ڪيترو سنجيده آهي؟ ڇا معاملو واقعي ايترو وڏو آهي يا ڪو ٻيو پس منظر آهي؟پيپلز پارٽي اندر هڪ ايم پي اي جو ٻئي ايم پي اي تي ايترا سنگين الزام لڳائڻ هڪ خطرناڪ صورتحال آهي. جيڪڏهن سريندر ولاسائي سچ پيو چوي ته معاملو انتهائي تشويشناڪ آهي. جيڪڏهن الزام غلط آهن ته پوءِ ان جي ذميواري به طئي ٿيڻ گهرجي.پارٽي کي گهرجي ته هن معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي ته جيئن حقيقت سامهون اچي.