ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي سائيٽ ايريا ۾ هڪ ٽيڪسٽائل فيڪٽري ۾ باهه لڳي وئي جنهن تي بعد ۾ ضابطو آندو ويو. چيف فائر آفيسر همايون احمد موجب، صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي ۽ فيڪٽري ۾ موجود ڪيميڪلز جي ڪري باهه تي مڪمل طور تي ضابطو آڻڻ ۾ دير ٿي. وڏي نقصان کان بچڻ لاءِ فائر فائٽرز پهريان فيڪٽري جي بوائلر کي محفوظ ڪيو. ان کان اڳ، شهر جي مختلف هنڌن تان فائر ٽينڊر، اسنارڪل ۽ واٽر بائوزر گهرايا ويا هئا. آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو پوليس عملدارن کي هدايت ڪئي هئي ته فيڪٽري کي محفوظ بڻائڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.