ڇا اهو صرف هڪ اتفاق هو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران قائم ڪيل بورڊ آف پيس جو واشنگٽن ڊي سي ۾ اجلاس ٿيڻ کان فوراً پوءِ اسرائيل ۾ آمريڪي سفير مائڪ هاڪبي هڪ انٽرويو ۾ ان بورڊ آف پيس کي ئي اڏائي ڇڏيو؟ ٽرمپ جي بورڊ آف پيس تي سڀ کان وڌيڪ اعتراض پاڻ آمريڪا اندر ئي اٿاريا پئي ويا، ڇو ته غزه ۾ امن جي نالي تي قائم ڪيل هن اداري ۾ غزه جو هڪ به نمائندو شامل نه هو.
گڏيل قومن جي انساني حقن واري آفيس ۾ آمريڪا جي اڳوڻي نمائندي ڪريگ موخيبر بورڊ آف پيس کي غزه ۾ اسرائيل جي ناجائز قبضي ۽ فلسطيني عوام جي قتل عام کي جاري رکڻ جي هڪ گهري سازش قرار ڏنو. ڪريگ موخيبر 18 فيبروري تي ايڪس (ٽوئيٽر) تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو ته جيڪو به شخص هن اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو، ان کي غزه ۾ جاري سازش جو حصو سمجهيو ويندو. هن سخت لفظن ۾ بورڊ آف پيس ۾ شامل ٿيندڙن تي تنقيد ڪندي اشارو ڏنو ته غزه ۾ امن جي نالي تي شايد اهڙو ڪجهه ٿيڻ وارو آهي، جنهن جو اسان تصور به نٿا ڪري سگهون.
ڪريگ موخيبر صرف ٽي سال اڳ گڏيل قومن جي انساني حقن واري آفيس ۾ ڊائريڪٽر جي عهدي تان استعيفا ڏني هئي ۽ پنهنجي استعيفيٰ ۾ لکيو هو ته گڏيل قومون غزه ۾ قتل عام روڪڻ ۾ مڪمل طور ناڪام رهيون آهن. اڄ هو ان قتل عام کي آمريڪا ۽ اسرائيل جي حڪومتن جي گڏيل سازش قرار ڏئي رهيا آهن. غزه ۾ امن جي نالي تي قائم ڪيل هن بورڊ آف پيس جي اجلاس ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جا مستقل ميمبر برطانيا، فرانس، چين ۽ روس به شامل نه هئا، پر حيرت انگيز طور پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف ان اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ٽرمپ طرفان اجلاس ۾ شهباز شريف جي آجيان کي پاڪستان جي وڏي سفارتي ڪاميابي قرار ڏنو ويو، پر اجلاس کان ٿوري دير پوءِ اسرائيل ۾ آمريڪي سفير مائڪ هاڪبي آمريڪي صحافي ٽڪر ڪارلسن سان هڪ انٽرويو ۾ گريٽر اسرائيل جي حمايت ڪري ڇڏي، جنهن تي وچ اوڀر کان آفريقا تائين سخت ردعمل ڏٺو ويو.
مائڪ هاڪبي چيو ته اسرائيل کي اهو حق حاصل آهي ته هو درياءِ فرات کان وٺي درياءِ نيل تائين سڀني عرب علائقن تي قبضو ڪري. جڏهن ٽڪر ڪارلسن پڇيو ته ڇا توهان چئو ٿا ته اسرائيل کي اردن، شام، عراق ۽ سعودي عرب جي ڪجهه حصن تي قبضو ڪرڻ جو حق آهي؟ ته هاڪبي بائبل جو حوالو ڏئي چيو ته هو انهن سڀني علائقن تي قبضو ڪري سگهن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته في الحال اسرائيل صرف انهن علائقن تي پنهنجو ڪنٽرول برقرار رکڻ چاهي ٿو، جيڪي اڳ ئي ان جي قبضي ۾ آهن، جن ۾ يروشلم، گولان جون ٽڪريون ۽ غزه شامل آهن
ان جو صاف مطلب اهو آهي ته اسرائيل 1967ع ۾ قبضي هيٺ آيل مشرقي يروشلم سميت بيت المقدس جا علائقا خالي نه ڪندو ۽ غزه تي به قبضو برقرار رکندو. مائڪ هاڪبي جو اهو انٽرويو انهن سڀني ملڪن جي حڪومتن لاءِ هڪ زور دار ڌڪ هو، جيڪي گڏيل قومن جي قراردادن جي روشني ۾ آزاد فلسطيني رياست جي قيام جي حمايت ڪن ٿا. انهن ملڪن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب سان گڏ برطانيا، فرانس ۽ ڪيترائي يورپي ملڪ پڻ شامل آهن.
هاڪبي جي انٽرويو کان پوءِ سعودي عرب، مصر، اردن ۽ يو اي اي سميت اهم عرب ملڪن سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي، ڇو ته هاڪبي ڪو عام سفارتي اهلڪار نه، پر ٽرمپ جو ويجهو ساٿي ۽ آرڪنسا جو اڳوڻو گورنر به رهيو آهي. هن پهريون ڀيرو گريٽر اسرائيل جي حمايت نه ڪئي آهي؛ هو 2008ع کان بار بار چئي رهيو آهي ته فلسطيني نالي ڪا شيءِ موجود ئي ناهي. 12 نومبر 2024ع تي سي اين اين به هن بابت هڪ تفصيلي رپورٽ نشر ڪئي هئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو هو ته ٽرمپ هڪ اهڙي شخص کي اسرائيل ۾ آمريڪا جو سفير مقرر ڪري رهيو آهي، جيڪو فلسطين کي تسليم ئي نٿو ڪري.
جيڪڏهن ٽرمپ واقعي غزه ۾ امن چاهين ها ته مائڪ هاڪبي کي اسرائيل ۾ سفير مقرر نه ڪن ها. هاڪبي جي ڪوششن سان ئي فلسطيني واسين کي غزه مان ڪڍي صومالي لينڊ ۾ آباد ڪرڻ جي منصوبي تي ڪم شروع ٿيو ۽ اسرائيل ٽرمپ جي حمايت سان صومالي لينڊ کي آزاد رياست طور تسليم ڪيو. ان وچ ۾ اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو ڀارت سان گڏجي شيعه ۽ سني انتهاپسندن خلاف هڪ وسيع علائقائي اتحاد قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنهن کان پوءِ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي اسرائيل جي دوري تي تل ابيب پهچي ويا.
اسرائيل ۽ ڀارت جو ڳٺ جوڙ اسان لاءِ ڪو نئون ناهي. پاڪستان جي سينيٽ پڻ مودي جي اسرائيل دوري جي تناظر ۾ هن ڳٺ جوڙ خلاف هڪ قرارداد منظور ڪئي، جيڪا پيپلز پارٽي جي سينيٽر پلوشه خان پيش ڪئي هئي. پر هاڻي رڳو قراردادن سان ڪجهه نه ٿيندو. هاڻي اسان کي نه صرف غزه پر ڄمون و ڪشمير جي به ڳڻتي ڪرڻ گهرجي. آمريڪا ۽ اسرائيل فلسطين بابت گڏيل قومن جون قراردادون نظرانداز ڪري چڪا آهن. هاڻي خدشو آهي ته ڀارت به اسرائيل سان گڏجي ڄمون و ڪشمير بابت گڏيل قومن جي قراردادن کي ساڳي نموني بي اثر بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ ڪشمير کي غزه ماڊل تحت قتل گاهه بڻائيندو. ڀارت ولاريل ڄمون و ڪشمير ۾ مسلمانن جي اڪثريت کي اقليت ۾ بدلائڻ جي منصوبي تي عمل شروع ڪري چڪو آهي.
اسان کي ٻڌايو ويو هو ته شهباز شريف بورڊ آف پيس ۾ ڪشمير جو مسئلو اٿاريندا، پر اهو نه ٿي سگهيو. هاڻي گهٽ ۾ گهٽ ڪشمير کي غزه بڻجڻ کان بچائڻ لاءِ آواز ته اٿاريو وڃي.
ٽرمپ جي بورڊ آف پيس گڏيل قومن جي باقي رهيل ساک به ختم ڪري ڇڏي آهي. اسان جي حڪمرانن کي اها غلط فهمي ڇڏڻ گهرجي ته ٽرمپ ۽ مودي جي اختلافن مان پاڪستان ڪو فائدو حاصل ڪري سگهندو. ٽرمپ ۽ نيتن ياهو هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن. اڄ نه ته سڀاڻي، نيتن ياهو جي ڪوششن سان مودي ۽ ٽرمپ ٻيهر ويجهو ٿي ويندا، ڇو ته اهي هڪ ٻئي جا قدرتي اتحادي آهن. هاڻي اسان کي اهڙي دنيا ۾ جيئڻ جو طريقو سکڻو پوندو، جتي نه آمريڪي امداد هوندي، نه آءِ ايم ايف جو قرضو، ۽ نه ئي ڪنهن مظلوم کي بچائڻ لاءِ گڏيل قومون موجود هونديون.