ملڪ جي واحد فولادساز ادارو پاڪستان اسٽيل ملز جي پورهيتن جي جدوجهد 200 ڏينهن ۾ داخل ٿي وئي، جبري برطرفين، اسٽيل ٽائون مان گهر خالي ڪرائڻ سميت بنيادي سهولتن جي هٿرادو بندش ۽ رٽائرڊ ملازمن کي رهتن نه ڏيڻ خلاف پاڪستان اسٽيل مل سان تعلق رکندڙ مختلف سياسي سماجي ۽ پورهيت تنظيمن جي اڳواڻن گڏيل ايڪشن ڪميٽي پاران پاڪستان اسٽيل ملز جي انتظاميا، وزارت پيداوار خلاف علامتي بک هڙتال اسٽيل ٽائون ۾ جاري رکي آهي.
پورهيت اڳواڻن جو مطالبو آهي ته قومي صنعتي ادارو پاڪستان اسٽيل جنهن کي هٿ وٺي جون 2015ع ۾ غير فني طور تي بند ڪيو ويو، هنن چيو ته ان وقت ملڪ ۾ ن ليگ جي وفاقي حڪومت آئي حڪومت جي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل هلندڙ پاڪستان اسٽيل مل جي گئس بنا ڪنهن اڳواٽ نوٽيس جي بند ڪئي. گئس جي بندش سبب پاڪستان اسٽيل مل جيڪا 65 سيڪڙو پيداواري هدف ڏئي رهي هئي ۽ هي ادارو خساري مان منعافي طرف پير رکيو. گئس بندش سبب پيداوار زيرو اچي پهتي. اهڙي عمل بعد پاڪستان اسٽيل مل روزانا 33 ڪروڙ رپيا خساري طرف وڌيو، اڳواڻن چيو ته ماضي جي حڪمرانن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي هٿان لڳل قومي صنعتي اداري پاڪستان اسٽيل کي زوال طرف ڌڪيو، هن چيو ته اداري جي بربادي ۾ ان وقت جا حڪمران ڀاڱي ڀائيوار آهن، هنن چيو ته مل جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ اسان پورهيت پنهنجي جانين جو نذرانو ۽ خون پسينو هڪ ڪري اداري کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو، هنن جو اهو به چوڻ هو ته پاڪستان اسٽيل مل جيڪا ماضي ۾ فقط 25 ارب رپين ۾ روس جي سهڪار سان تيار ٿي تنهن پنهنجي پيداواري تاريخ ۾ وفاق کي ڊيوٽيز ۽ ٽيڪس جي مد ۾ 105 ارب رپيا ادا ڪيا، هنن چيو ته عمران خان جي حڪومت ۾ جنهن طريقي سان پورهيتن ۽ مل جي آفيسرن جي قانون جي لتاڙ ڪري ملڪ جبري طور تي نوڪرين مان فارغ ڪيو. انتظاميا جو اهو عمل ملڪ جي آئين مطابق پورهيت قانون جي ڀڃڪڙي آهي.
پورهيتن پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ روزانو جي بنياد تي علامتي بک هڙتال جو سلسلو جاري رکيو آهي جنهن کي ڪالهه 200 ڏينهن ٿيا آهن تنهن جي باوجود پورهيتن جا حوصلا بلند آهن ۽ اهي پنهنجي حقن ماڻڻ لاءِ جدوجهد کي جاري رکڻ جو وچن ڪن ٿا. ان سلسلي ۾ پورهيتن سان يڪجهتي لاءِ وڪيلن پاران احتجاج ۾ شرڪت، هر طرح جي قانوني مدد ڪرڻ جي خاطري، پورهيتن مٿان داخل ڪوڙا ڪيس مفت ۾ وڙهڻ جو اعلان ڪيو.
موجوده حڪومت کي گهرجي ته پاڪستان اسٽيل مل جي پورهيتن جي سمورن جائز مطالبن کي تسليم ڪندي ملڪ جي هن وڏي فولاد ساز اداري کي هڪ دفعو وري چالو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته جيئن هي ادارو پنهنجي پيرن تي بيهي ۽ ملڪ جي معيشت ۾ هٿ ونڊائي.