لاهور(مزمل سهروردي)صحافي رضا رومي چيو آهي ته وزيراعظم شهبازشريف ۽ آرمي چيف عاصم منير وچ ۾ انتهائي مثالي ۽ هم آهنگ لاڳاپا آهن. پاڪستان جي هاڻوڪي تاريخ ۾ شايد ئي ڪڏهن وزيراعظم ۽ آرمي چيف وچ ۾ اهڙي هم آهنگي ڏٺي وئي هجي. اڳ ۾ جنرل باجوا ۽ عمران خنا جا لاڳاپا مثال طور ڏنا ويندا هئا، پر پوءِ اختلاف پيدا ٿيا. قومي حڪومت ٺهڻ واري سوال تي هن چيو ته في الحال اهڙي ڪا واضح نشاني نظر نٿي اچي. پاڪستان ۾ عام طور تي جڏهن به ڪا حڪومت ٻه سال پورا ڪندي آهي ته پوءِ “قومي حڪومت” جهڙا بحث مارڪيٽ ۾ اچڻ لڳندا آهن.قومي حڪومت تڏهن ٺهي ٿي جڏهن ملڪ ۾ شديد بحران هجي، جهڙوڪ ڏيوالي، گهرو انتشار يا قومي سلامتي جو وڏو خطرو،هن وقت اهڙي هنگامي صورتحال موجود ناهي.سڀ سياسي اڳواڻ هڪ ميز تي گڏ ٿيڻ لاءِ تيار نه ٿيندا. هن چيو ته جيڪڏهن قومي حڪومت ٺاهي وڃي ۽ ان جي سربراهي عمران خان ڪن ته ٻيا پارٽيون نه مڃينديون.جيڪڏهن نواز ليگ سربراهه هجي ته ٻيا اعتراض ڪندا.جيڪڏهن زرداري شامل نه هجي ته به اختلاف ٿيندو.تنهنڪري اهو خيال عملي طور ڏکيو لڳي ٿو. هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ اندر به ناڻي وارو وزير بدلائڻ بابت بحث ٿيو آهي.اصل مسئلو فوج يا سياست نه، پر معيشت آهي.پاڪستان آءِ ايم ايف پروگرام ۾ آهي، جنهن ڪري حڪومت جا اختيار محدود آهن.هن وڌيڪ چيو ته وڏن ڪاروباري گروپن تي ٽيڪس لڳائڻ کان سڀ ڊڄن ٿا.شگر مافيا، سيمنٽ ڪارٽيل، گاڏين جا ڪارٽيل ۽ ٻيا وڏا ڪاروباري حلقا سياسي ۽ فوجي حلقن سان ڳنڍيل آهن.حقيقي معاشي سڌارا ڪرڻ لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا.غزه ۾ فوج موڪلڻ جي سوال تي هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان صرف ميڊيڪل، انجنيئرنگ ۽ لاجسٽڪ مدد موڪلي ته ان جي گهڻي مخالفت نه ٿيندي.پر مڪمل فوجي مداخلت حساس مسئلو آهي.اهڙي فيصلي لاءِ قومي اتفاق ضروري هوندو،هن چيو ته پي ٽي آءِ کي ختم ڪرڻ لاءِ ٻاهرين ڪوششن جي گهڻي ضرورت ناهي.پارٽي اندر پاڻ ۾ اختلاف، ڌڙا بندي ۽ قيادت جا مسئلا موجود آهن.مستقبل ۾ جيڪڏهن 2029ع ۾ چونڊون وڌيڪ شفاف ٿين ٿيون ته سياسي منظرنامو تبديل ٿي سگهي ٿو.