ڊيل بابت بيان:اسٽيبلشمينٽ،حڪومت تي ناراض؟

اسلام آباد(منيب فاروق)راڻا ثناءُ الله پاران عمران خان کي ڊيل جي آڇ ڪرڻ واري اعترافي بيان کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ ناراض ٿي وئي،ذريعن موجب طاقتور حلقن پاران حڪومت کي پيغام ڏنو ويو آهي ته ان طرح جي ڳالهين جو ڪو جواز نٿو بڻجي،ان کانپوءِ راڻا ثناءُ الله کي مختلف ٽي وي چئنلن تي ڊيل جا ترديدي بيان ڏيندي ڏٺو ۽ ٻڌو ويو آهي،ياد رهي ته 24 نومبر تي پي ٽي آءِ سان ڳالهين جو مرڪز اهو ته ڊي چوڪ نه اچو،ٻئي پاسي عليمه خان به شير افضل مروت کي ايجنسين جو ٽائوٽ قرار ڏئي ڇڏيو آهي،توشاخانه ٽو ڪيس ته نه هو،شير افضل مروت بشريٰ بي بي جي هار جو ذڪر ڪري هن تي غلط الزام مڙهيو آهي،هن اهو به چيو ته عمران خان جنهن کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏي ته ان جي بقا ايجنسين تي ئي هوندي آهي،ان بيان کانپوءِ عليمه خان لاءِ به مشڪلات وڌي وئي آهي،امڪان آهي ته عليمه خان کي به گرفتار ڪيو ويندو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.