پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ غربت،وفاقي سرڪار پاران روزگار نه هئڻ جو اعتراف؟

اسلام آباد(شهباز راڻا)ملڪ جي  پيداواري شعبي بابت به ڪا سٺي خبر ناهي، جيتوڻيڪ حڪومت دعويٰ ڪري رهي آهي ته اسان جي لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ  ۾ واڌ ٿي رهي آهي، پر حقيقت اها آهي ته ان جو انڊيڪس اڃا به ڪورونا کان اڳ واري سطح کان هيٺ آهي. هڪسڀ کان اهم ڳالهه، جنهن تي بحث ٿيڻ گهرجي، اها آهي ته حڪومت آخرڪار اهو مڃي ورتو آهي ته جيڪا جي ڊي پي واڌ ٿي رهي آهي، اها “آئوٽ پُٽ بيسڊ” آهي، يعني صرف پيداوار وڌڻ تي ٻڌل آهي، پر ان سان روزگار پيدا نٿو ٿئي. حڪومت پاڻ اعتراف ڪيو آهي ته معاشي واڌ نوڪريون پيدا نه ڪري رهي آهي.قومي سطح تي غربت پنهنجي يارهن سالن جي بلند ترين سطح تي آهي، ست سال اڳ پنجاب ۾ غربت جي شرح لڳ ڀڳ 16.5 سيڪڙو هئي، يعني ايتري آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهي هئي. هاڻي اها وڌي تقريباً 23.5 سيڪڙو ٿي وئي آهي.يعني ست سالن ۾ پنجاب اندر غربت ۾ لڳ ڀڳ 41 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.واڌ جي رفتار (پيس) جي لحاظ کان ڪنهن به صوبي ۾ غربت ۾ سڀ کان وڌيڪ اضافو پنجاب ۾ ٿيو آهي، جيتوڻيڪ انگن اکرن جي لحاظ کان سڀ کان وڌيڪ غربت بلوچستان ۾ آهي.سنڌ ۾ به غربت جي شرح وڌي آهي، ۽ ڪيترائي ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن.خيبر پختونخواهه ۾ غربت جي شرح اڳ ۾ لڳ ڀڳ 29 سيڪڙو هئي، جيڪا وڌي 35.3 سيڪڙو ٿي وئي آهي.ست سالن ۾ هتي تقريباً 23 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. رپورٽ موجب ان جي هڪ وڏو سبب سيڪيورٽي ۽ قانون نافذ ڪرڻ واري صورتحال(امن امان) کي قرار ڏنو ويو آهي ٻئي پاسي بلوچستان سڀ کان وڌيڪ متاثر صوبو آهي. اڳ ۾ 42 سيڪڙو ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ هئا، هاڻي اها شرح وڌي تقريباً 47 سيڪڙو ٿي وئي آهي.يعني بلوچستان ۾ هر ٻن مان هڪ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيو آهي. ملڪ ۾ معاشي واڌ روزگار پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهي آهي.هي انگ اکر واضح ڪن ٿا ته معاشي واڌ جي دعوائن باوجود، عام ماڻهو جي زندگيءَ ۾ بهتري نه اچي رهي آهي، ۽ غربت ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي ٻئي پاسي سوشل ميڊيا تي غربت اشو تي وفاقي سرڪار ۽ صوبائي حڪومتون تنقيد جي وڪڙ ۾ آهن،.صحافي مبشر زيدي لکيو ته پنجاب ۾ غربت وڌڻ جي رفتار ٻين سڀني صوبن کان وڌيڪ آهي، پر صوبي جي حڪومت جو ڌيان عام ماڻهن بدران اشرافيه (امير ۽ بااثر طبقي) کي سهولتون ڏيڻ تي مرڪوز آهي،يوسف نظر لکيو ته صرف 90 لک اوورسيز پاڪستاني 40 ارب ڊالرن جون ريميٽنس موڪلي رهيا آهن، جڏهن ته ملڪ جي باقي 24 ڪروڙ آبادي گڏجي به 40 ارب ڊالرن کان وڌيڪ برآمد پيدا نٿي ڪري سگهي،سينيٽر سحر ڪامران ٽوئيٽ ڪيو ته عوام جي ڪير پرواهه ڪري ٿو؟دولت وارا ماڻهو آرامده گلف اسٽريم G500 (19 سيٽن وارو) جهاز خريد ڪري سگهن ٿا، جنهن جي قيمت 10 ارب رپين کان وڌيڪ آهي.پاڪستان جي اڳوڻي سفير مليحه لوڌي لکيو ته "هي سڀ ڪجهه اشرافيه جي قبضي جو نتيجو آهي.” سول سوسائٽي اڳواڻ هما بقائي لکيو ته پاڪستان هاڻي رسمي طور بک ۽ غذائيت جي بحران ۾ آهي، ماڻهو گهٽ کائي رهيا آهن، ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، ۽ گريجوئيٽس بغير نوڪري جي آهن. وچولي طبقو، پنهنجي زندگي ۽ عزت سان گذرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي. خيراتي ادارن نه هجن ته ماڻهو رمضان ۾ به بکيا رهندا، منافعي خورن جي ڪري  پر يقينن شاندار شاديون، عيش و آرام واريون جهازون ۽ بيڪار پرڏيهي سفر جاري آهن. ڪير جرئت ڪري پڇي سگهي ٿو ته اسان جو حڪمران اشرافيه ڇو ايترو بي شرم آهي؟ اهو آهي اسلامي جمهوريه پاڪستان، معيز حيدر لکيو ته غربت ۽ اڻبرابري ۾ اضافو قومي ترجيح هجڻ گهرجي. پاليسي جا جواب نوڪرين، مهانگائي تي ڪنٽرول، ۽ سماجي تحفظ تي ڌيان ڏيڻ گهرجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.