ماڻهن کي لائنن ذريعي پاڻي ڏيو:سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بئنچ چيو آهي ته ٽينڪر سسٽم بند ڪريو، ماڻهن کي لائنن ذريعي پاڻي ڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ ۽ جسٽس ذوالفقاراحمد سانگي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪراچي واٽر ڪارپوريشن جي عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ميئر چيو هو ته اسان لائنن ذريعي پاڻي فراهم ڪنداسين، عدالت اورنگي ٽائون ۾ هڪ شهري جي گهر تائين پاڻي جي فراهمي نه ٿيڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران عدالت واٽر ڪارپوريشن عملدار کان پڇيو ته اهي ماڻهن کي پاڻي ڇو نه پيا فراهم ڪن، درخواستگذار جي گهر تائين پاڻي پهچايو، ڪراچي واٽر ڪارپوريشن جي وڪيل چيو ته پراڻيون لائينون آهن، بجلي جي لوڊشيڊنگ به آهي، مختلف علائقن ۾ پاڻي جو بدترين بحران آهي، شهري پاڻي ڦڙي لاءِ اڃارا آهن، ڪراچي جا 90 سيڪڙو ماڻهو پاڻي خريد ڪري پي رهيا آهن، جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ چيو ته پوءِ لائينون ٺاهيو، ڪجهه خرچ عوام کي برداشت ڪرڻو پوندو، ڪراچي واٽر ڪارپوريشن اختيارين عدالت کي ٻڌايو ته اسان کي پوئتي کان به تمام گهٽ پاڻي ملي رهيو آهي، جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ پڇيو ته پوءِ ٽينڪر پاڻي ڪٿان آڻيندا آهن؟ ٽينڪر سڄي ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪري رهيا آهن، جڏهن پاڻي ٽينڪرن ذريعي فراهم ڪيو پيو وڃي ته پوءِ لائنن ذريعي ڇو نه پيو ڪيو وڃي؟ ان جو مطلب آهي ته پاڻي موجود آهي پر لائنن ذريعي فراهم نه پيو ڪيو وڃي، عدالت کي ٻڌايو ويو ته ٽينڪر غير قانوني هائيڊرنٽس مان به پاڻي کڻندا آهن، عدالت چيو ته اهو قانوني هجي يا غير قانوني، شهرين  جي پنهنجن گهرن تائين پاڻي پهچايو ويو، ٽينڪر سسٽم بند ڪريو، ماڻهن کي لائنن ذريعي پاڻي فراهم ڪريو، اسان هن درخواست تي سخت فيصلو ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.