صدر زرداري پاران ملڪ رياض لاءِ اين آر او جي پرچي،طاقتور ترين شخصيت جو انڪار

لاهور(مزمل سهروردي)هڪ انتهائي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض لاءِ اين آر او جي گهر ٿي وئي،خبر موجب ان اجلاس ۾ ملڪ هلائيندڙ انتهائي ذميوار طاقتور شخصيتون شريڪ هيون،ان ملاقات ۾ وزيراعظم کانپوءِ طاقتور سمجهيو ويندڙ سينئر وزير ملڪ جي طاقتور ترين شخصيت کي هڪ پرچي ڏني ۽ چيو ته صدر زرداري چيو آهي ته توهان سان ان تي صلاح مشورو ڪريان،ذريعن موجب اها پرچي ملڪ رياض لاءِ اين آر او گهرڻ بابت هئي،ملڪ جي طاقتور ترين شخصيت اها پرچي پڙهي ۽ کيس چيو ته توهان کي هي پرچي مون کي نه ڏيڻ گهرجي ها،مون کي وڏو افسوس ٿيو آهي ته توهان هي پرچي مون کي ڏني آهي،طاقتور ترين شخصيت چيو ته منهنجو ملڪ رياض سان ڪو ذاتي مسئلو ناهي،هو شهيدن جي خاندانن جا پئسا کائي ويو آهي،سرڪاري زمينون هڙپ ڪري ويو آهي،هزارين پاڪستانين جا پئسا کائي ويو آهي،هو پاڪستان جي رياست جو ڊيفالٽر آهي،منهنجي ذات جو ڊيفالٽر ناهي،طاقتور ترين شخصيت چيو ته هن(ملڪ رياض) کي چئو ته پاڪستان جا جيڪي پئسا آهن اهي ڏئي ۽ ملڪ واپس اچي وڃي،هو جيڪڏهن اهو سمجهي ٿو ته ڪنهن جا پئسا نه ڏيندو ۽ پاڪستان ۾ اچي خوشي سان رهندو ته اهو نٿو ٿي سگهي،هن اهو به چيو ته مان اهڙو ڪو اين آر او نٿو ڏئي سگهان ته شهيدن جا پئسا به نه ڏنا وڃن،متاثرن جا پئسا به ڏنا وڃن،سرڪاري زمينن جا پئسا به نه وصول ڪريان،طاقتور ترين شخصيت اهو به چيو ته توهان کي مون سان اهڙي ڳالهه ڪندي شرم اچڻ گهرجي ها،اهي پئسا وصول ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي،حڪومت اهي پئسا وصول ڪرڻ بدران مون کي سفارش ڪري رهي آهي،ذريعن موجب ان اجلاس ۾ طاقتور ترين شخصيت جي ناراض ٿيڻ سان تلخي پيدا ٿي پئي هئي،پوءِ ڪنهن کي به ان موضوع تي ڳالهائڻ جي جرئت نه ٿي سگهي،ان ملاقات کانپوءِ ايف بي آر بحريا ٽائون جي 26 ارب رپين جي ملڪيتن جي نيلامي ڪري رهي آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.