مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن ۽ سنڌي ٻولي جو وقار

تحرير: عامر انصاري‎

اڄ 21 فيبروري دُنيا جي عالمي ٻولين جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي، هي ڏينهن رڳو ڪئلينڊر تي لکيل هڪ تاريخ ناهي، هي اُن رَتُ جي خوشبو آهي، جيڪا لفظن لاءِ وهي، هي اُن سسڪي جو آواز آهي، جيڪا ٻولي جي بچاءَ خاطر بُلند ٿي. هي اُن ماءُ جي دانهن آهي، جنهن پنهنجي جوان پٽ کي صرف اُن ڪري وڃايو، جو هُن پنهنجي مادري ٻولي ۾ ڳالهائڻ جو حق گهريو هو. دُنيا جي ٻولين جو عالمي ڏينهن اسان کي اُهو ياد ڏياري ٿو ته ٻولي رڳو ڳالهائڻ جو ذريعو ناهي، ٻولي سڃاڻپ آهي، تاريخ آهي، مزاحمت آهي ۽ سڀ کان وڌيڪَ انسان جي اندر جي سچائي جو اظهار آهي. جڏهن ڪا ٻولي خاموش ٿئي ٿي، تڏهن رڳو لفظ نٿا مَرَن قومون يتيم ٿين ٿيون، يادگيريون بي آواز ٿي وڃن ٿيون، ۽ ڌرتيون ساهه کڻڻ وساري ڇڏين ٿيون.

هي ڏينهن اُن قرباني جي ياد ۾ ملهايو وڃي ٿو، جيڪا 1952ع ۾ ڍاڪا جي گهٽين ۾ ڏني وئي. بنگالي شاگرد، جن جي هٿن ۾ ڪتاب هئا ۽ دلين ۾ خواب، پنهنجي مادري ٻولي جي حق ۾ نڪتا. سندن آواز گولين سان دٻايو ويو، سندن رَتُ روڊن تي وهايو ويو، پر سندن مقصد مري نه سگهيو. اُنهن جي قرباني دنيا کي اُهو سيکاري ڇڏيو ته ٻولي جو سوال رڳو لساني مسئلو ناهي، پر انساني وقار، سڃاڻپ ۽ آزادي جو سوال آهي. اُن جدوجهد کي عالمي سڃاڻپ ڏيڻ لاءِ يونيسڪو 1999ع ۾ 21 فيبروري کي دُنيا جي ٻولين جو عالمي ڏينهن قرار ڏنو. اُن ڏينهن کان پوءِ، هي تاريخ هر اُن قوم لاءِ آئينو بڻجي وئي، جيڪا پنهنجي ٻولي سان محبت ڪندي به اُن جي بي قدري جو ڏک سهي رهي آهي.

سنڌي ٻولي به اُنهن ٻولين مان آهي، جن جو ماضي شاندار، حال زخمي ۽ مستقبل سوالن ۾ گهيريل آهي. سنڌي رڳو زبان ناهي هيءَ ماءُ آهي، جيڪا لولي ڏئي ٿي، هي ڌرتي آهي، جيڪا ساهه ڏئي ٿي، هي تاريخ آهي، جيڪا موهن جي دڙي کان ڪارونجهر تائين پنهنجو تسلسل قائم رکندي آئي آهي. سنڌي ٻولي ۾ سچ ڳالهايو ويو، مزاحمت لکجي وئي، محبت ڳائي وئي، ۽ ڏکن کي لفظ مليا. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي بيتن ۾ صبر ۽ سچائي آهي، سچل سرمست جي سٽن ۾ بغاوت ۽ آزادي جي للڪار آهي ۽ لطيفي لهجي ۾ مزاحمت، حب الوطني، انسان دوستي جو پيغام آهي. هي ٻولي صوفين جي دعا، ماروئڙن جو ساهه، ۽ سنڌ جي هر ننڍڙي ذري جي ڌڙڪن آهي.

پر اڄ، جڏهن اسين دُنيا جي ٻولين جو عالمي ڏينهن ملهايون ٿا، تڏهن هڪ تلخ سوال اُڀري ٿو سنڌي ٻولي جو وقار ڪٿي بيٺل آهي؟ ڇا سنڌي ٻولي واقعي پنهنجي ئي ڌرتي، تي محفوظ آهي؟ ڇا اسڪولن ۾، عدالتن ۾، آفيسن ۾، ۽ جديد علم جي دنيا ۾ سنڌي ٻولي کي اُهو مقام حاصل آهي، جيڪو اُن جو حق آهي؟ يا سنڌي ٻولي رڳو تقريرن، مشاعرن، سيمينارن ۽ هڪ ڏينهن جي لاءِ جذباتي نعريبازي تائين محدود ٿي وئي آهي؟ دردناڪ حقيقت اُها آهي ته سنڌي ٻولي کي نظرانداز ڪرڻ جو عمل کُليل حملي جي صُورت ۾ نه، پر خاموشي سان جاري آهي. نون نسلن کي مادري ٻولي کان پري رکڻ، کين ”ترقي“ جي نالي ۾ غير ٻولين جي غلامي ۾ ڌڪڻ ۽ سنڌي تعليم کي پوئتي ڌڪڻ اُهي سڀ اهڙا وار آهن، جيڪي سڌو سنئون ٻولي جي وجود تي ٿين ٿا. جڏهن ٻار پنهنجي ماءُ سان به اُڌاري لفظن ۾ ڳالهائي، جڏهن اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي پڙهائڻ کي ٻوجھه سمجهيو وڃي، جڏهن ڪتابن جي المارين ۾ سنڌي ڪتابَ مٽي هيٺان لڪجي وڃن ۽ جڏهن ميڊيا تي سنڌي ٻولي کي ”غير مارڪيٽيبل“ ٻولي قرار ڏنو وڃي تڏهن ٻولي زخمي ٿئي ٿي ۽ اُن جا زخم قوم جي ساهه ۾ لهي وڃن ٿا.

سنڌي ٻولي جي زخمي ٿيڻ جو سڀ کان خطرناڪ پهلو اُهو آهي ته اُهو عمل آهستي آهستي، بغير شور جي ٿئي ٿو. نه ڪو احتجاج، نه ڪو نعرو صرف بي حسي، ۽ بي حسي ڪنهن به قوم لاءِ سڀ کان وڏو زهر هوندي آهي. جڏهن قوم پنهنجي ٻولي بابت خاموش ٿي وڃي، تڏهن اُن جي زوال جو سفر شروع ٿي وڃي ٿو. سنڌي ٻولي سان اڄ اُهو ئي الميو پيش اچي رهيو آهي. درد، تڪليف، محبت ۽ پيار، سڀ ڪجهه لفظن ۾ لکي ٿو، پر عملي طور تي سنڌي ٻولي کي اهميت نه ڏني وڃي ٿي.

اڄ جي دور ۾ سنڌي ٻولي جو تحفظ صرف ماضي کي ياد ڪرڻ سان نه، پر مستقبل سان ڳنڍيل آهي. سنڌي ٻولي کي جديد سائنس، ڊجيٽل دنيا، ڪمپيوٽر، سافٽويئر، سوشل ميڊيا ۽ نون خيالن سان هم قدم ڪرڻو پوندو جيڪڏهن سنڌي ٻولي ۾ جديد علم، تحقيق، ۽ ٽيڪنالاجي جو مواد نه هوندو، ته نئون نسل فطري طور ٻين ٻولين ڏانهن ڇڪجندو. ٻولي کي زندهه رکڻ لاءِ اُن کي وقت سان گڏ هلڻو پوندو، پر پنهنجي اصل روح، لهجو ۽ تاريخ وڃائڻ کانسواءِ اُن کي پنهنجي روزمره جي زندگي ۾ شامل رکڻ، تعليم، ادب ۽ ميڊيا ۾ مضبوط پيش ڪرڻ لازمي آهي.

سنڌي ٻولي جو وقار تڏهن بحال ٿيندو، جڏهن اسين پنهنجي ٻارن کي فخر سان سنڌي ٻولي سيکارينداسين، جڏهن آفيسن ۾ سنڌي ٻولي کي عملي عزت ملندي، جڏهن اسڪولن ۾ سنڌي مضمون کي ٻوجھه نه، پر شان سمجهيو ويندو. جڏهن استاد، ليکڪ، شاعر، صحافي ۽ والدين گڏجي سنڌي ٻولي جي حفاظت جو عهد ڪندا، تڏهن لفظن ۾ نئون رَتُ ڊوڙندو، ۽ سنڌي ٻولي ٻيهر پنهنجي مڪمل سگهه سان سامهون ايندي.

دُنيا جي ٻولين جو عالمي ڏينهن اسان لاءِ رڳو يادگار ڏينهن نه هجڻ گهرجي، پر عزم، سوال، احتجاج ۽ احتساب جو ڏينهن هجڻ گهرجي. هي ڏينهن اسان کي پاڻ کان سوال ڪرڻ سيکاري ٿو ڇا اسين پنهنجي ٻولي سان انصاف ڪري رهيا آهيون؟ ڇا اسين پنهنجي ايندڙ نسل کي اُهو خزانو منتقل ڪري رهيا آهيون، جيڪو اسان کي ورثي ۾ مليو؟ جيڪڏهن جواب ”نه“ آهي، ته پوءِ هي ڏينهن اسان لاءِ رڳو جشن نه، پر شرمندگي جو آئينو آهي.

سنڌي ٻولي جو وقار اسان جي هٿن ۾ آهي. جيڪڏهن اسين خاموش رهياسين، ته خاموشي سنڌي ٻولي کي ڳهي ويندي. جيڪڏهن اسين اُٿنداسين، لکنداسين، پڙهنداسين، ۽ سنڌي ٻولي ۾ سوچينداسين ته هي سنڌي ٻولي ٻيهر پنهنجي اصل شان سان ھميشه جيئندي رھندي. لفظن جي بقا اسان جي بقا آهي ۽ سنڌي ٻولي جي عزت اسان جي عزت آهي. درد، محبت، پيار ۽ احساس جو هر لفظ زندگي ۾ اثر ڇڏيندو آهي، پر اُن کي محفوظ رکڻ اسان جي ذميواري آهي.

اچو ته سڀ گڏجي 21 فيبروري تي رڳو گل نه رکون، پر واعدا رکون ته سنڌي ٻولي کي زندهه رکبو، عزت ڏبي، ۽ هر ميدان ۾ اڳتي آندو ويندو. ڇو ته جڏهن سنڌي ٻولي زندهه هوندي، تڏهن قوم زندهه هوندي، ۽ جڏهن قوم زندهه هوندي، تڏهن ڌرتي جي ڌڙڪن ڪڏهن به خاموش نه ٿيندي. هي لفظ، هي آواز، هي درد ۽ محبت اسان جي سڃاڻپ آهي. سنڌي ٻولي کي بچائڻ اسان جو روحاني ۽ قومي فرض آهي ۽ اُن فرض کان اسين ڪڏهن به نه ڪيٻائينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.