ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ گيس ليڪيج سبب عمارت ۾ ٿيل ڌماڪي سبب فوتگين جو انگ 16 ٿي ويو. پوليس موجب، سولجر بازار، گل رانا ڪالوني ۾ صبح 4 وڳي عمارت ۾ گيس ليڪيجج سبب ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ عمارت جو ڪجهه حصو ڊهي پيو، حادثي جو اطلاع ملندي ئي پوليس علائقي کي گهيري ورتو ۽ سڪيورٽي سخت ڪئي وئي ۽ ريسڪيو ادارن سرچ آپريشن شروع ڪيو. ريسڪيو عملدارن موجب، عمارت 3 ماڙ آهي ۽ هر فلور تي هڪ ڪمرو آهي، سوڙهين گهٽين جي ڪري ريسڪيو آپريشن ۾ ڏکيائيون پيش آيون. عملدارن موجب، واقعي واري هنڌ تي امدادي ڪارروايون ڪيون ويون، هن وقت تائين 16 لاش ڪڍيا ويا آهن جن ۾ 4 ٻار ۽ 6 عورتون به شامل آهن، 14 کان وڌيڪ زخمي آهن جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڊي جي ريسڪيو برگيڊيئر واجد موجب، گيس ڌماڪو عمارت جي پهرئين ماڙ تي ٿيو، ڌماڪو گيس سلينڊر يا گيس ڇڪڻ واري مشين سبب ٿيو. اوزارن جي مدد سان لوهه کي ڪٽي ملبو هٽايو آهي. ٻئي پاسي ڊي آءِ جي ايسٽ ڊاڪٽر فرخ لنجار چيو ته شروعاتي ڄاڻ موب، ڌماڪو گيس ليڪيج جو آهي. واقعي جي جاچ ڪئي ويندي ۽ ڪيميڪل ايگزيمين کانپوءِ ڌماڪي جي اصل نوعيت جو پتو پوندو، جڏهن ته عمارت بابت کاتو ٻڌائيندو ته هي عمارت قانوني هئي يا غيرقانوني، پتو لڳائي واقعي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. بم ڊسپوزل اسڪواڊ واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪيو، عملدارن موجب، شروعاتي جاچ مان ظاهر ٿئي ٿو ته باهه گيس ليڪيج سبب ٿي، ۽ گيس سلينڊر ڌماڪي جو ڪو ثبوت ناهي مليو. عملدارن موجب، باورچي خاني ۾ گيس جي فٽنگ ناقص هئي ۽ گيس جي سپلاءِ لاءِ پلاسٽڪ جو پائيپ استعمال ڪيو ويو هو جنهن سبب ليڪيج جا امڪان وڌي ويندا آهن، گهر ۾ گيس ڇڪڻ واريون مشينون به لڳل هيون. عابد فاروق موجب، علائقي ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان گيس جي فراهمي معطل هئي ۽ گذريل اوچتو تيز دٻاءَ سان گيس جي سپلاءِ شروع ٿي وئي. گيس کليل رهجي وئي يا شارٽ سرڪٽ يا ماچس ٻارڻ سان ڌماڪو ٿيو. واقعي کانپوءِ علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال آهي جڏهن ته لاڳاپيل ادارا جاچ ڪري رهيا آهن.
ڪراچي(ارباب چانڊيو) ڪراچي شهر جي دل ۾ هڪ ٻيو ڌماڪو، جنهن گل پلازا جي واقعي کان پوءِ هڪ ٻي الميي کي جنم ڏنو آهي، ڌماڪي ۾ 16 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، جن ۾ هڪ پورو خاندان شامل آهي، ٻار ۽ وڏا سڀ، ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن سڄو خاندان سحري جي تياري ڪري رهيو هو، هڪ ننڍڙي ڇوڪري، بينظير به پنهنجي والدين سان تياري شروع ڪري رهي هئي، ته اوچتو 40 گز جي پلاٽ تي، جتي ٽي چار ماڙ عمارتون ٺهيل هيون، ڌماڪو ٿيو ۽ شدت ايتري هئي جو سڄي عمارت لڏي وئي،ڪراچي بارود جي ڍير تي آهي. ڪٿي گئس ليڪيج آهي، ڪٿي باهه لڳي ٿي، ڪٿي ڪيميڪل وارين گودامن ۾ باهه لڳي ٿي، ۽ ڪٿي گل پلازا جهڙا الميا ٿي وڃن ٿا،و آهي،سوال اهو آهي ته 40 گز جي پلاٽ تي ٽي چار ماڙ عمارتون ٺاهڻ جي اجازت ڪير ڏين ٿا؟ ڇا گئس ڪمپنين جا عملدار، اها ڳالهه نظر ۾ رکندا آهن ته گئس ليڪ ٿي رهي آهي؟ ۽ جيڪڏهن ليڪ ٿي رهي هئي، ته ڇا ڪنهن خاندان شڪايت ڪئي؟اهو ئي سبب آهي ته مجبور سماج جا ماڻهو، جن کي گهر نٿو ملي، مجبور ٿي 40 گز جي پلاٽ تي رهڻ تي مجبور ٿين ٿا، اسان اڃا سبق نٿا سکون. گل پلازا جي واقعي کان پوءِ به سبق ناهي مليو، ۽ هن ڌماڪي کان پوءِ به شايد سبق نه ملندو. هڪ ٻي بينظير شهيد ٿي وئي آهي، اسان شايد صرف ڳالهه ڪري پوءِ وڃون، پر ان واقعي جا ذميوار ڪڏهن به قانون جي گرفت ۾ نه ايندا. ڪهڙو انصاف ٿيندو؟ گل پلازا جي ماڻهن سان انصاف ٿيندو؟ الله ڪري، پر زمين جا خدا انصاف ڪندا يا نه، اهو ڏسڻو پوندو.سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اهلڪارن کان هن ڀيري به ڪو پڇاڻو نه ٿيندو، جيڪي 30-40 گز جي پلاٽ تي ٽي چار ماڙ فليٽ ٺاهڻ جي اجازت ڏين ٿا؟ اهڙيون عمارتون سڄي شهر ۾ موجود آهن،