ٽنڊو محمد خان (ڊ ر) ڪراچي جي سولجر بازار واري علائقي ۾ سيلينڊر جي حادثي ۾ فوت ٿي ويلن مان 3 ٽنڊو محمد خان واسي نياڻيونشامل آهن، ٽنڊو محمد خان جي تعلقي ٽنڊو غلام حيدر جي مويا سان تعلق رکندڙ پورهيت انور لغاري جون 3 نياڻيون 23 سالن جي اقسار لغاري ، 19 سالن جي انيشا لغاري ۽ 15 سلان جي افشان لغاري حادثي دوران فوت ٿيلن ۾ شامل آهن ، فوتي نياڻين جي لاشن کي حادثي واري ملبي مان ٻاهر ڪڍي لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، جنهن ۾ حادثي جي متاثر نياڻين جي والد انور لغاري واقعي جو اطلاع ملڻ کانپوءِ بي حال بڻجي بيهوش ٿي ويو ، جنهن کي ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، فوتي نياڻين جي امڙ مسمات رضيا پڻ حادثي دوران پنهنجي گهر جي اندر موجود نه هئي جيڪا حادثي کان محفوظ رهي جڏهن ته فوتي نياڻين جي هڪ ڀيڻ ڪوثر جيڪا پڻ حادثي دوران معجزاڻي طور حادثي ۾ سندس حياتي محفوظ رهي، جنهن کي ريسڪيو دوران حادثي کان پوءِ عمارت مان ٻاهر ڪڍيو ويو، حادثي ۾ فوت ٿي ويل ٽنهي نياڻين جا لاش ڪراچي جي سرڪاري اسپتال مان ضروري ڪارروائي کانپوءِ سندن وارثن حوالي ڪيا ويا ، نياڻين جي لاشن کي ڪراچي کان ٽنڊو محمد خان جي مويا جي ڳوٺ احمد خان لغاري ايمبولينس ذريعي پهچايو ويندو جن کانپوءِ سندن تدفين ابائي قبرستان ۾ ڪئي ويندي.