اسلام آباد(علي مصطفيٰ)هائبرڊ نظام ٻه سال مڪمل ڪري چڪو آهي، ان دوران ڇا وڃايو ۽ ڇا حاصل ڪيو؟ناليواري معاشي ۽ سماجي دانشور ڊاڪٽر نياز مرتضيٰ جو چوڻ آهي ته هن نظام ۾ جيڪو نقصان ٿيو آهي، اهو جمهوريت، سياست، معيشت ۽ سماج سڀني لاءِ نهايت شديد آهي، ۽ اهو نقصان آمريت جي آخري دور ۾ به پاڪستان کي ايترو نه ٿيو هو.ڊاڪٽر نياز مرتضيٰ،ٻڌايو ته ڪنهن به رجيم (حڪومتي دور) جا نتيجا چار ايرياز ۾ ڏٺا وڃن ٿا،سياسي،معاشي،سيڪيورٽي ،پرڏيهي پاليسي آهن،ڪنهن به رجيم جا نتيجا سڌو سنئون ان جي پاليسين جي معيار تي منحصر هوندا آهن، ۽ پاليسين جو معيار به ٽيم جي قابليت تي،هن چيو ته سڀ کان وڏو نقصان سياسي ايريا ۾ ٿيو آهي. سياسي عمل ۽ جمهوريت کي تقريباً ٻه يا ٽي ڏهاڪا پوئتي ڌڪ لڳو آهي، جيڪو ڪنهن به سول انتظام ۾ ايترو نه ٿيو.هن چيو ته 2024ع جي اليڪشن ڏهاڪن ۾ سڀ کان وڏي ڌانڌلي واري ثابت ٿي،مستقبل ۾ پڻ پسنديده اليڪشن آفيسر مقرر ڪرڻ لاءِ تياريون ٿي رهيون آهن،هن چيو ته پارليامينٽ ايگزيڪيوٽو جي ماتحت فقط هڪ رسمي ٽيم ٿي چڪي آهي.فيصلن لاءِ پارليامينٽ کي صرف منظور ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ٿي، حقيقت ۾ پارليامينٽ رٻڙ اسٽيمپ بڻجي چڪي آهي،هن چيو ته 26 ۽ 27 هين ترميم ذريعي عدليه ۾ مقرريون مڪمل طور تي ايگزيڪٽو ۽ اسٽيبلشمنٽ جي هٿ ۾ اچي چڪيون آهن هي عدالتي آزادي کي محدود ڪري ٿو، ۽ انساني حقن ۽ آزاديءَ تي اثر انداز ٿئي ٿو.هن چيو ته قانون جي حڪمراني ۽ انساني حق پوئتي ٿي ويا آهن مثال طور، ايمان مزاري ۽ ٻين کي 17 سال جي سزا ڏيڻ جو نظام بلڪل بي رحماڻو آهي، معاشي صورتحال تي ڳالهائيندي هن چيو ته اهم اشارا جيئن ناڻي جو ڦهلاءُ، واڌ شرح ۽ غربت ٻن ٽن ڏهاڪن ۾ سڀ کان خراب ٿي چڪا آهن.ٿورو استحڪام صرف سخت آءِ ايم ايف پروگرام ذريعي آيو آهي، جنهن جو عوام تي شديد اثر پيو آهي.ڊگهي مدي واري اقتصادي ترقي لاءِ ڪا موثر پاليسي نظر نٿي اچي،صنعتڪاري بدران ڪرپٽو،ڪارپوريٽ فارمنگ يا مائيننگ کي ترجيح ڏني وئي،سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهائيندي هن چيو ته بلوچستان ۾ ڪيترن ئي ضلعن ۾ ساڳئي وقت حملن جا واقعا ٿي رهيا آهن.ملڪ جي اندر سيڪيورٽي صورتحال مسلسل خراب ٿي رهي آهي.هن چيو ته ملڪ اندر صورتحال خراب آهي پر حڪمران پرڏيهي سطح تي سيڪيورٽي گارنٽيئر بڻجڻ جي دعويٰ ڪري رهيا آهن،اسلام آباد ۾ آپگهاتي حملا ٿي رهيا آهن،ڊاڪٽر نياز مرتضيٰ جو چوڻ آهي ته هي سسٽم تمام ڪمزور، ڊي سينٽرلائيزڊ ۽ نقصانڪار آهي،عوام ۽ سياسي اڳواڻ سڀني کي خبر هجڻ باوجود حقيقت قبول ڪري چڪا آهن ۽ نظام کي برداشت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن،هن چيو ته پاڪستان ۾ موجود هائبرڊ نظام کي صحيح ڪرڻ يا نئين نظام جي ضرورت آهي، ڇو ته موجوده نظام ۾ هر طرف کان مسئلا آهن،هن رجيم جا اصل ماسٽر به خوش ناهن،تڏهن ته قومي حڪومت جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن،اهو به ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته ن ليگ وفاقي حڪومت هلائڻ لاءِ تيار ناهي،اها بس رڳو پنجاب حڪومت ۾ خوش آهي،مريم نواز جي ابتين سبتين اسڪيمن جي ميڊيا ۾ وڏي پبلسٽي ڪرائي وڃي ٿي،موجوده نظام کي سنوارڻ يا تبديل ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، نه ته ملڪ ڊگهي عرصي لاءِ بحران ۾ رهندو،هن چيو ته بنگلاديش ۽ سريلنڪا ۾ تازو عوامي بغاوت ٿي،جمهوريت کي ڌڪ پهتو پر اتي هائبرڊ نظام ۽ فوج نه آئي،اهي ٻئي ملڪ وري جمهوريت ڏانهن موٽي آيا آهن۔