دبئي (م ڊ) دبئي اختيارين جو چوڻ آهي ته رمضان شريف دوران اگهن ۾ واڌ تي هڪ لک درهم تائين ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو. واهپيدارن جي تحفظ لاءِ عملدارن مختلف مارڪيٽن جو دورو ڪيو. عملدارن چيو ته چانورن، کير، کنڊ، کاڄري تيل جي اگهن ۾ تبديلي نٿي ڪري سگهجي. جيڪڏهن ضروري شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي ته سخت ڏنڊ لڳايو ويندو.
-
رمضان المبارڪ دوران سنڌ ۾ آفيس جي وقتن ۾ تبديلي
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت رمضان المبارڪ جي مھيني دوران آفيسن جي ٽائمنگ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. صوبي ۾ جن آفيس ۾ ڪم ھفتي جا پنج ڏينھن آھي، اتي آفيس وقت سومر کان خميس تائين صبح 10 وڳي کان 4 وڳي تائين ۽ جمعي ڏينھن صبح 10 کان ھڪ وڳي تائين ھوندو. جن آفيسن ۾ ڪم ھفتي جا ڇهه ڏينھن آھي، اتي آفيس وقت سومر کان ڇنڇر تائين صبح 10 وڳي کان 3 وڳي تائين ۽ جمعي ڏينھن صبح 10 کان ھڪ وڳي تائين ھوندو.
-
سعودي عرب ۾ رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچي ويو، اڄ روزو ٿيندو
رياض (م ڊ) سعودي عرب ۾ رمضان جو چنڊ نظر اچي ويو. پهريون روزو 18 فيبروري تي ٿيندو. سعودي شاهي ديوان طرفان رمضان المبارڪ 1447 هجري جي چنڊ جو اعلان ڪيو ويو. پهريون ڀيرو جديد ٽيڪنالاجي ذريعي چنڊ ڏٺو ويو. سعودي عرب ۾ 7 ٻين هنڌن تان به چنڊ ڏيڻ لاءِ اجلاس ٿيا. ٻئي پاسي گڏيل عرب امارتن ۾ به رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچي ويو. چنڊ ڏسڻي ڪميٽي اعلان ڪيو. پهريون روزو اڄ ٿيندو.