اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)تجزئي نگار محمل سرفراز چيو آهي ته صدر علي زرداري عمران خان تي ٽوڪ ڪندي چيو آهي ته ، “مرد وانگر جيل ڪاٽيو ۽ عورتن وانگر نه روئو، اها ڳالهه انتهائي افسوسناڪ ۽ غير مناسب هئي،هن چيو ته هي هڪ جنس پرست ۽ عورتن جي حقن جي خلاف ڳالهه آهي. اسان جي ملڪ ۾ عورتن جيڪي جيلون ڪاٽيون آهن، انهن مردن کان به وڌيڪ بهادري ڏيکاريون آهن. ان ۾ شامل آهن،صدر زرداري صاحب جي پنهنجي سس نصرت ڀٽو، سندس گهرواري شهيد محترمه بينظير ڀٽو،سندس ڀيڻ فريال ٽالپر، مريم نواز، ۽ ٻين ڪيترين عورتن جو مثال آهي. اڃان تائين ڊاڪٽر ياسمين راشد جهڙيون عورتون به جيل ۾ آهن.هن چيو ته اهو چوڻ ته مردن کي عورتن وانگر “روئڻ نه گهرجي”، يا “عورتن وانگر ڪمزوري نه ڏيکارڻ گهرجي”، مردن ۽ عورتن جي وچ ۾ هڪ جنس جي بنياد تي فرق رکڻ آهي، جيڪو خاص طور تي پيپلز پارٽي جي ڪنهن ليڊر لاءِ انتهائي غير مناسب آهي، ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽي هڪ پروگريسو، لبرل، ۽ عورتن جي حقن جي حامي پارٽي آهي،هن چيو ته صدر زداري جون پنهنجون ڌيئرون پڻ وڏيون بااختيار ۽ مضبوط آهن، تنهنڪري اهي ڪيئن اهڙي ڳالهه ڪري سگهن ٿا؟ مون کي هن ڳالهه تي گهڻو افسوس ٿيو.