ڪراچي (رپورٽر) يونيورسٽيز واري سنڌ جي صوبائي وزير محمد اسماعيل راھو سرڪاري يونيورسٽين ۾ پرو وائيس چانسلرز ۽ قائم مقام وائس چانسلرز جي مقررين تي سخت نوٽس وٺندي اعلان ڪيو آهي ته هاڻي ڪو به سرڪاري يونيورسٽي جو وائس چانسلر پنهنجي مرضي سان ڪنهن کي پرو وائيس چانسلر جي چارج نٿو ڏئي سگهي. صوبائي وزير مطابق،هرمقرري لاءِ ڪنٽرولنگ اٿارٽي يعني وزيراعليٰ سنڌ جي اڳواٽ منظوري لازمي هوندي. سمورا وي سيز خالي اساميون لاءِ ٽن سينئر پروفيسر جو پينل مڪمل ريڪارڊ سان گڏ سنڌ حڪومت کي موڪليندا. محمد اسماعيل راھو سرڪاري يونيورسٽين جي وي سیز کي خبردار ڪندي چيو ته وزيراعليٰ جي منظوري کان بغير ڪيل سڀ مقرريون غيرقانوني سمجهيون وينديون