حب(عوامي آواز نيوز)بي اين پي سربراهه سردار اختر مينگل چيو آهي ته مون 17 مهينا اڳ پنهنجي استعيفا جمع ڪرائي هئي، پر اليڪشن ڪميشن کي اڄ خبر پئي آهي،حب ۾ ميڊيا سان هن چيو ته ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته سڄي بلوچستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿئي ٿو، انهن کي ڪا خبر ئي ناهي. هن چيو ته ملڪ جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڪجهه ٿئي ته انهن کي خبر نٿي پوي، پر جڏهن لاهور ۾ ڪجهه ٿئي ٿو ته کين تڪليف ٿيندي آهي.هن وڌيڪ چيو ته اسان وٽ گوليون هلن ٿيون، لاش ڪرن ٿا، پر انهن کي خبر نٿي پوي.سردار اختر مينگل چيو ته جڏهن لاهور ۾ تاڙيون وڄن ٿيون ته انهن کي سخت تڪليف ٿيندي آهي.هن چيو ته مان انهن جي هن قدر تڪليف تي رڳو افسوس ئي ڪري سگهان ٿو،هن چيو ته استعيفيٰ ڏيڻ کان پوءِ پنهنجي تڪ تي ضمني چونڊ ۾ نه مان پاڻ ۽ نه ئي منهنجي خاندان جو ڪو فرد اميدوار هوندو. هن چيو ته جيئن به هجي، اسان کي پارليامينٽ مان ٻاهر ڪري پنهنجا 19 ماڻهو ويهاريا آهن، ته 20هون به پنهنجو ئي ويهاري ڇڏيو.