عالمي برادري غزا ۾ جنگ بندي لاءِ ڪردار ادا ڪري: جي يو آءِ ڪانفرنس

جيڪب آباد (ڊ ر ) جيڪب آباد ۾ جي يو آءِ پاران اسلام زنده باد ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جي يو آءِ ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري جي صدارت هيٺ جاني ديرو چوڪ تي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، وڏي انگ ۾ ڪارڪنن ۽ شهرين شرڪت ڪي، ڊاڪٽر اي جي انصاري، مولانا اسدالله کهڙو، محمد عمر راجنپوري، سعودی عرب جي اڳواڻ رھنما حاجي غلام رسول مينگل، مولانا تاج محمد چنا، حافظ مير محمد بنگلاڻي، حاجي محمد عباس بنگلاڻي، مولانا عبدالجبار رند، مولانا نصر الله، مولانا سراج احمد ڊول، مولانا منير احمد سومرو ۽ ٻين خطاب ڪندي غزا جي صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪئي، اڳواڻن چيو ته غزا ۾ هزارين بيگناهه فلسطيني شهيد ٿيا آهن ۽ عالمي برادري کي فوري جنگ بندي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، مسلمان ملڪ اڳ ۾ ٿيل معاهدن تحت غزا ۾ جنگ بندي ڪرائين، قبله اول مسجد اقصيٰ جي حيثيت بابت ڪنهن به سازش کي رد ڪندي اڳواڻن چيو ته اهڙا قدم قبول نه ڪيا ويندا، قرآن ۽ سنت جي خلاف قانونسازي ختم ڪرڻ، سوشل ميڊيا تي مقدس هستين جي توهين ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو. ڪانفرنس ۾ گمشدگين جي خاتمي ۽  سمورن سياسي قيدين جي آزادي جو مطالبو پڻ ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.