ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي پاپوش نگر ۾ اي ٽي ايم اندر عورت کي گولي هڻي قتل ڪرڻ واري جوابدار خلاف ٻه ڪيس داخل ڪيا ويا، جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، جوابدار سيڪيورٽي گارڊ ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو، پوليس موجب سيڪيورٽي گارڊ خلاف واقعي جا ٻه الڳ ڪيس پاپوش ٿاڻي ۾ داخل ڪيا ويا، پهريون ڪيس مقتولا جي مڙس جي فرياد تي داخل ڪيو ويو، جڏهن ته ٻيو ڪيس بنا لائسنس هٿيار رکڻ جي شق تحت سرڪار جي فرياد تي داخل ڪيو ويو، عورت کي قتل ڪندڙ گرفتار سيڪيورٽي گارڊ ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو، جوابدار موجب عورت کي رقم ڏيڻ جي بهاني اي ٽي ايم تي گهرايو، جيئن ئي عورت اي ٽي ايم ڪيبن ۾ داخل ٿي، هُن فائرنگ ڪري ڏني.
واقعي دوران اي ٽي ايم ۾ عورت فائرنگ ڪرڻ جا سي سي ٽي وي فٽيجز به سامهون اچي ويا.