اسلام آباد/ڪراچي(عوامي آواز نيوز)سينئر صحافي حامد مير چيو آهي ته رمضان جا ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان ۾ مهانگائي جو طوفان اچي ويو آهي،ان جو ذميوار ڪير آهي؟سوشل ميڊيا تي پيٽروليم اسمن جي اگهن ۾ واڌ واري معاملي تي سخت تنقيد هلي رهي آهي،منصور قريشي ٽوئيٽ ڪيو ته حڪومت وري پيٽرول مهانگو ڪري ڇڏيو آهي، ۽ هميشه وانگر ساڳيو ئي عالمي قيمتن جو سببٻڌايو ويو، .پر حقيقت هي آهي ته 258رپين واري پيٽرول جي قيمت مان لڳ ڀڳ 100 رپين کان وڌيڪ رڳو سرڪاري ٽيڪس ۽ ليوي شامل آهن.هڪ طرف عوام کي چيو وڃي ٿو ته ملڪ ڏکين حالتن ۾ آهي،۽ ٻي طرف ساڳئي عوام کان هر ليٽر تي لڳ ڀڳ اڌ قيمت ٽيڪس طور وصول ڪئي وڃي ٿي.ڊيزل مهانگو ٿيندو ته ٽرانسپورٽ مهانگي ٿيندي، سبزيون مهانگيون ٿينديون، اٽو مهانگو ٿيندو هن چيو ته هر سال وري نوان ٽيڪس، نوان بل، ۽ وڌيڪ مهانگائي ڇو اچي ٿي؟ڇا خرچ گهٽ ٿيا آهن؟ڇا سرڪاري آسائشون گهٽ ٿيون آهن؟ ڇا پروٽوڪول ختم ٿيو آهي؟ڇا ٻاهرين ملڪن جا سير سپاٽا گهٽ ٿيا آهن؟حقيقت هي آهي ته عوام کي بچت ۽ ڪفايت شعاري جو درس ڏنو وڃي ٿو،پر حڪومتي خرچن ۾ ڪا نمايان گهٽتائي نظر نٿي اچي،صحافي طارق متين لکيو ته فڪسڊ چارجز، سولر تي ظلم، بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ واڌ، ۽ هاڻي پيٽرول بم!هنن کي پنهنجا نه، پر اسان جا ئي ڪپڙا لاھڻا هئا،سينئر صحافي خليق ڪياني لکيو ته وزيراعظم وٽ هاڻي رڳو ايترو اختيار بچيو آهي جو پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ٽڪي ٻن ٽڪن جي ردوبدل ڪري سگهي، ۽ هو ويانا ۾ فائل دٻائي ويٺو آهي يعني اهم فيصلا به اڳتي نه پيو وڌائي سگهي،اينڪرنجم سيٺي چيو ته توهان آءِ ايم ايف جي ڳالهه مڃي واڌ (گروٿ) روڪي ڇڏي آهي، مٿان وري غير مقبول به ٿي ويا آهيو، ۽ اوهان وٽ ڪو واضح حل به موجود ناهي.جيڪي ڪم ڪرڻ ضروري آهن، اهي ڪريو. ڪو غزه وڃي رهيو آهي، ڪو آمريڪا وڃي رهيو آهي، ڪو هتي وڃي رهيو آهي، ڪو اُتي وڃي رهيو آهي پر عوام ڏکن ۾ آهي، ۽ انهن جو ڪو خيال نٿو رکيو وڃي،سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ٽوئيٽ ڪيو ته رمضان کان بلڪل اڳ پيٽرول جي قيمت ۾ 5 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 7.32 رپيا في ليٽر واڌ ڪرڻ سان مهانگائيءَ جو دٻاءُ وڌيڪ وڌندو ۽ غريب ۽ وچولي طبقي جي بجيٽ تي وڌيڪ بار پوندو.مان حڪومت کان اپيل ڪريان ٿو ته هن فيصلي تي ٻيهر غور ڪري ۽ ماڻهن لاءِ حقيقي معاشي رليف کي ترجيح ڏئي.ڪامران احسن لکيو ته وزيراعظم صاحب!رمضان شروع ٿيڻ تي ته حڪمران شيون سستي ڪندا آهن، ماڻهن لاءِ آسانيون پيدا ڪندا آهن،پر توهان ماڻهن جي بنيادي ضرورت پيٽرول کي ئي مهانگو ڪري ڇڏيو؟هي ڪهڙي حڪمراني آهي؟صحافي عمار مسعود لکيو ته حڪومت تيل اگهه وڌائي سڄي ملڪ جي صارفن لاءِ رمضان پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي احمد وڙائچ لکيو ته ملڪ اڳ ۾ ئي معاشي بهتري جي ڪوهِ همالا تي بيٺو آهي،اطلاع آهن ته معيشيت کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۽ ان کي چنڊ تائين پهچائڻ لاءِ، هاڻي عيد کان پوءِ وڏو اقتصادي ماهر اسحاق ڊار پاڻ خزانو سنڀالڻ وارو آهي،
-
حڪومت شمسي بجلي تي بلنگ تان هٿ نه کنيو، پراڻن واهپيدارن کي مهلت
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت نيٽ بلنگ تان هٿ نه کنيا، پراڻن کاتيدارن لاءِ معاهدي تائين پراني پاليسي برقيار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب، ترميمون 9 فيبروري کان لاڳو ڪيون وينديون. سولر صارفين لاءِ هڪ اهم اڳڀرائي آئي آهي. نيپرا اعلان ڪيو آهي ته پراڻن صارفين لاءِ نيٽ ميٽرنگ پاليسي لاڳو رهندي. نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) پراڻن شمسي صارفين لاءِ نيٽ ميٽرنگ پاليسي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾، سولر پاليسي 2026 جي ترميم ٿيل مسودي جو سرڪاري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب، اٿارٽي 30 ڏينهن اندر تجويز ڪيل ترميمن تي اسٽيڪ هولڊرز ۽ لاڳاپيل ڌرين کان تجويزون طلب ڪيون آهن. نوٽيفڪيشن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته تجويز ڪيل ترميمون 9 فيبروري کان لاڳو ڪيون وينديون. جڏهن ته، پراڻن نيٽ ميٽرنگ صارفين جي موجوده پاليسي ۽ شرطن کي برقرار رکيو ويندو.نيپرا جو چوڻ آهي ته پراڻن نيٽ ميٽرنگ صارفين جي شرحن ۽ معاهدن ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي ويندي. موجوده گراهڪن کي نيٽ بلنگ جي بدران نيٽ ميٽرنگ جي سهولت جاري رهندي. اعلان موجب، پراڻن گراهڪن جي ستن سالن جي معاهدي ۽ واپسي جي شرح پڻ برقرار رهندي ۽ ان ۾ ڪا به تبديلي نه ٿيندي، ٻئي طرف، نوان ضابطا ۽ نيٽ بلنگ سسٽم نون گراهڪن تي لاڳو ڪيا ويندا، نون گراهڪن جو معاهدو قومي هر ٽيرف تي پنج سالن جي واپسي جي شرح هوندو. ياد رکڻ گهرجي ته اڳ ۾، نيپرا پراڻي نيٽ ميٽرنگ سسٽم کي ختم ڪرڻ ۽ نئين نيٽ بلنگ قانون کي لاڳو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو. نئين نظام تحت، جيڪڏهن ڪو گراهڪ پنهنجي پيداوار کان وڌيڪ بجلي استعمال ڪري ٿو، ته ان کي موجوده ٽيرف تي استعمال ٿيندڙ بجلي جو بل ادا ڪرڻو پوندو. يعني، 27 رپين جي بدران، اضافي بجلي گراهڪن کان موجوده قومي سراسري ٽيرف تي خريد ڪئي ويندي، يعني بجلي جي سراسري قيمت. نيٽ بلنگ تحت، بجلي جي خريداري ۽ وڪرو قومي اوسط ٽيرف جي مطابق هوندو ۽ حساب هر بلنگ چڪر جي آخر ۾ ڪيو ويندو، جڏهن ته اضافي رقم ايندڙ بل ۾ ترتيب ڏئي سگهجي ٿي يا ٽه ماهي بنيادن تي ادا ڪري سگهجي ٿي.
-
رمضان مهينو اچڻ کان اڳ حڪومت پيٽرول بم ڪيرايو
اسلام آباد(م ڊ) پيپلز پارٽي جي مرڪزي ترجمان شازيه مري قيمتن ۾ واڌ جي فيصلي کي رد ڪندي ان کي ‘پيٽرول بم’ قرار ڏنو آهي. شازيه مري ايڪس تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ته پيپلز پارٽي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ کي رد ڪري ٿي. هن چيو ته رمضان المبارڪ دوران پيٽرول ۾ 5 رپيا ۽ ڊيزل ۾ 7.32 رپيا في ليٽر واڌ عوامدشمن فيصلو آهي. هن چيو ته هن فيصلي سان حڪومت مهانگائي کان تنگ ماڻهن جي مسئلن ۾ اضافو ڪيو آهي، انهن کي رليف ڏيڻ بدران. ان سان پورهيت ۽ وچولي طبقي تي سخت اثر پوندو. شازيه مري چيو ته وفاقي حڪومت هڪ طرف رمضان پيڪيج ڏنو آهي ۽ ٻئي طرف رمضان دوران اضافي مهانگائي جو تحفو ڏنو آهي. حڪومت کي صلاح ڏني وئي آهي ته بيروزگاري، مهانگائي ۽ معاشي بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو فوري طور تي جائزو وٺي.
-
معيشت زوال پذير، قرضن جو بار،ٽيڪس وڌندڙ،سيڙپ ڪاري نه هئڻ برابر
اسلام آباد/دبئي(ڪامران خان)ڇا پاڪستان جي معاشي ڪمر واقعي ٽُٽي رهي آهي؟ قرضن جو وڌندڙ بار، وڌندڙ ٽيڪس، وياج جون ادائيگيون ۽ گهٽ ٿيندڙ سيڙپڪاري آخرڪار ذميوار ڪير آهي؟پاڪستان هن وقت شديد معاشي دٻاءَ ۾ آهي. مقامي ۽ پرڏيهي قرض خطرناڪ حد تائين وڌي چڪا آهن، جڏهن ته وياج جون ادائيگيون سرڪاري آمدني جو وڏو حصو کائي رهيون آهن. ٽيڪسن جو بار بار بار محدود دستاويزي معيشت تي وڌو پيو وڃي، جڏهن ته غير دستاويزي شعبو وڏي حد تائين نظام کان ٻاهر آهي.زراعت بحران جو شڪار آهي، بيلينس آف پيمنٽس جو دٻاءُ جاري آهي، ۽ مقامي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري تاريخي طور تي گهٽ سطح تي آهي، مقامي سيڙپڪار پاڪستان تي اعتماد نٿو رکي، ۽ پرڏيهي سيڙپڪار ته ان کان به وڌيڪ حساس آهن. جيڪڏهن توهان سڌي پرڏيهي سيڙپڪاري جا انگ اکر ڏسو ته اهي تمام شرمناڪ آهن. هن سطح جي توانائي ۽ ٽيڪسز سان، توهان تصور به نٿا ڪري سگهو ته ڪو به ڪنهن ڪاروبار ۾ ڪيئن شامل ٿي سگهي.
-
حڪومت بنيادي سڌارا نه آڻي سگهي:پرڏيهي معاشي ماهر
لاهور(عوامي آواز نيوز)آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ اقتصادي پاليسي جي پروفيسر اسٽيفن ڊرڪن، لاهور يونيورسٽي آف مينيجمينٽ سائنسز ۾ پاليسي ڊائلاگ کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جنوري 2023 ۾ سخت اقتصادي صورتحال سان منهن ڏئي رهيو هو، جڏهن ڪاروباري ماڻهو ڊالر حاصل نه ڪري سگهيا ۽ اقتصادي صورتحال پيچيده ٿي وئي. هن چيو ته ان کانپوءِ مهانگائي تي قابو پاتو ويو ۽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌايا ويا.پر بنيادي سڌارن کان پاسو ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اهڙي صورتحال ۾ ناڻي واري وزير کي لازمي طور ٻيهر آءِ ايم ايف کان بيل آئوٽ پيڪيج وٺڻ لاءِ تيار رهڻو پوندو.سيڙپڪاري ۽ بچت گهٽ آهي ۽ برآمدات جي جي ڊي پي ۾ حصي ۾ ڪا تبديلي نه ٿي آهي، هن چين ۽ هندستان جا مثال ڏنا، جن 80 ۽ 90 واري ڏهاڪي ۾ پنهنجون معيشتون کوليون ۽ سڌارا ڪيا، جنهن سان واڌ جي رفتار مسلسل وڌي،هن چيو ته پاڪستان ۾هندستان ۽ چين جي مقابلي ۾ في ڪس آمدني گهٽ ترين سطح تي آهي
-
خدمتن جو شعبو ٽيڪس نٿو ڏئي:احسن اقبال
دبئي/اسلام آباد(ڪامران خان)وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته اسان جي ٽيڪسن جو بار نامناسب طريقي سان صنعتن ۽ پگهاردار طبقي تي آهي، جڏهن ته سروس سيڪٽر، جيڪو معيشت جو 50 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو آهي، ٽيڪس ناهي ڏيندو. واپاري ۽ ڪاروباري حضرات کي قومي ذميواري ۾ اچي،10 سيڪڙو سپر ٽيڪس ڀرڻو پوي ٿو،هن چيو ته ڀارت پنهنجي معيشت کي ڊجيٽلائز ڪيو آهي ۽ دنيا ۾ شاندار مثال بڻيو آهي، پر پاڪستان ۾ اڃا تائين هي قدم نه کنيو ويو. ڊجيٽلائيزيشن ۽ ڪيشليس اڪانومي تي ٽيڪنالاجي، ڊيٽا انٽيگريشن ۽ اي آءِ ذريعي ڪم جاري آهي،هن چيو ته حالتون گذريل سالن جي مقابلي ۾ بهتر آهن، پر اڃا ترقي جي مجموعي پيداوار سست آهي، جي ڊي پي واڌ جمود جو شڪار آهي. ملڪ ۾ استحڪام ۽ سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ ڊگھي مدت جون پاليسيون ۽ سياسي اتفاق ضروري آهي.احسن اقبال جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اسان ڊالر حاصل نٿا ڪريون، ته آءِ ايم ايف کان نجات ممڪن ناهي. ٽيڪس جو جي ڊي پي ۾ تناسب وڌائڻ لازمي آهي، نه ته بار انهن تي رهندو جيڪي اڃا به بار برداشت ڪري رهيا آهن،هن چيو ته گذريل ڪجهه سالن جي مقابلي ۾، پاڪستان سياسي ۽ معاشي طور بهتر پوزيشن ۾ آهي، پر دهشتگردي جي نون حملن سبب امن امان جي صورتحال خطرناڪ آهي. معيشت جي صورتحال به بهتر آهي، پر ترقي جي مجموعي رفتار سست آهي،هن چيو ته پي ٽي آءِ جي قيادت کي، ۽ سڀني پارٽين کي، گهرجي ته قومي مسئلن تي گڏجي ڪم ڪن، سياسي اختلافن کان پوءِ به وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۾ تعاون هجي، خاص طور تي دفاعي ۽ سيڪيورٽي ادارن سان تعلقات ۾.هن جو چوڻ آهي ته معيشت جي بحالي لاءِ استحڪام ۽ سيڪيورٽي لازمي آهي. جيڪڏهن ملڪ ۾ امن نه هوندو، سياسي استحڪام نه هوندو، ته نه ته مقامي ۽ پرڏيهي سيڙپڪار اعتماد ڪن ٿا، ۽ نه ئي سيڙپڪاري ايندي.
-
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي جو رجحان، 6 هزار پوائنٽ لاٿ
ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار دوران ناڪاري رجحان رهيو. پي ايس ايڪس 100 انڊيڪس ۾ 6000 هزار کان وڌيڪ پوائنٽن جي لاٿ رڪارڊ ٿي، هڪ موقعي تي انڊيڪس 6029 پوائنٽ گهٽجي هڪ لک 73 هزار 574 پوائنٽ تي رهيو، ڪاروبار دوران3 ڏهائي 19 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.