ڊجيٽل تبديلي گورننس کي مضبوط بڻائي ٿي\مراد شاهه

حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي جديد سيڪريٽريٽ ڪمپليڪس جو افتتاح ڪيو. نئين ڪمپليڪس ۾ 300 کان وڌيڪ اميدوارن لاءِ ڊجيٽل لائبريري، سي بي ٽي ليب، آڊيٽوريم، ڪيفيٽيريا، جمنازيم ۽ مسجد جون سهولتون موجود آهن. وڏي وزير چيو ته ڪمپيوٽر بيسڊ ٽيسٽنگ شفافيت لاءِ وڏو قدم آهي ۽ قابل نوجوان ئيسنڌ جو روشن مستقبل آهن. چيئرمين محمد وسيم ٻڌايو ته 2.493 ارب رپين جي لاڳت سان هڪ ايڪڙ ايراضيءَ تي جديد ڪمپليڪس تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو ادارو وڌيڪ خودمختيار بڻائيندو. جولاءِ 2022ع کان ڊسمبر 2025ع تائين ڪميشن 21,504 ڀرتين جون سفارشون ڪيون، جن ۾ تعليم، صحت، بلديات، قانون، زراعت ۽ خزاني جا شعبا شامل آهن. نئين سي بي ٽي ليبارٽري ذريعي 2000 کان وڌيڪ اميدوارن جا امتحان ڪيا ويا. ريڪروٽمينٽ مينيجمينٽ ريگيوليشنز 2023ع سان شفافيت ۽ ميرٽ جو تحفظ مضبوط ٿيو، جڏهن ته ملازمن لاءِ الاؤنس وڌايا ويا ۽ ترقيون پڻ مليون. وزيراعليٰ چيو ته ڊجيٽل تبديلي گورننس کي مضبوط بڻائي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.