اين سي سي آءِ ۾ ڪرپشن تي 77 آفيسر برطرف،فوجي آفيسرن جون مقرريون

اسلام آباد(عارفه نور)قومي سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ جڏهن قائم ٿي ۽ ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويو، ڪجهه وقت بعد معلوم ٿيو ته عام شهري ۽ صحافي به انهن جي هٿان گرفتار ٿي رهيا هئا. ڪرپشن جو معاملو تڏهن عام ٿيو، جڏهن مشهور يوٽيوبرز به جن جو سياست يا ڪنهن ٻئي مسئلي سان تعلق نه هو، گرفتار ٿيا. انهن دعويٰ ڪئي ته انهن کان رشوت وٺي وئي، تشدد ڪيو ويو، ۽ آفيسر جيڪي انهن ڪم ۾ ملوث هئا، انهن بابت به اطلاع آئي ته انهن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ انهن خلاف ڪيس هلي رهيا آهن. اطلاع آهن  ته اين سي سي  آءِ ۾ لڳ ڀڳ77 آفيسرن کي فارغ ڪيو ويو آهي، جن ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر، آفيس سپرنٽينڊنٽ، ٽيڪنيڪل آفيسر ۽ انسپيڪٽر شامل آهن. انهن جا ڪانٽريڪٽ ختم ڪيا ويا آهن ۽ انهن کي ٻيهر ڀرتي نه ڪيو ويندو.ساڳئي وقت اطلاع آهي ته فوجي آفيسر انهن جي جاءِ تي ڀرتي ڪيا پيا وڃن،سينئر صحافي رياض الحق چيو آهي ته  هي معاملو اداري لاءِ به تمام حيران ڪندڙ آهي، ڇو ته 13ڊسمبر  تي اها درخواست ڪئي وئي هئي ته نون ماڻهن جي ضرورت آهي. پر پهرين ڄاڻڻ ضروري آهي ته اسٽاف ۾ لڳ ڀڳ 200 ماڻهو هئا، جن مان 190 تقريباً اين سي سي آءِجا هئا ۽ اهي سڀ ڪانٽريڪٽ تي هئا،اهي آفيسر ايف آءِ اي ۽ ٻين ادارن مان آندا ويا،مطلب ته ٽوٽل اسٽاف جو 95-97 سيڪڙو ڪانٽريڪٽ تي آهي.آفيسرن جي ڪرپشن  واري ڪيس ۾ ڪال سينٽرن، ۾ ڇاپا لڳا جنهن ۾ غير ملڪي به گرفتار ٿيا،گهرو وزير مطابق لڳ ڀڳ هڪ ارب رپيا وصولي ٿي چڪي آهي. هاڻي بحث اهو آهي ته ادارن جي اسٽاف کي مضبوط ۽ پروفيشنل بڻايو وڃي، جيئن اهي پنهنجو ڪم موثر طريقي سان ڪري سگهن. ٽيڪنيڪل ماهرن کي ڀرتي ڪرڻ لاءِ ڊسمبر ۾ درخواست ڪئي وئي، جنهن ۾ گهرو وزارت دفاع وزارت کان 8 ٽيڪنيڪل ڪور جا آفيسر طلب ڪيا، مختلف شهرن لاءِ: 2 لاهور، 2 ڪراچي، 2 اسلام آباد، 1 پشاور، 1 ڪوئيٽا لاءِ،فوجي آفيسرن جي ٽريننگ ٽيڪنيڪل آهي، ۽ اهي سول آفيسرن جي نگراني هيٺ تحقيقاتي ڪم انجام ڏيندا.مسئلو اهو آهي ته هڪ نئون ادارو ۽ اهڙي سطح جي ڪرپشن جي صورت ۾ ڪنهن کي جوابده بڻائڻ لازمي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.