سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ اسٽريٽ ڪرائيم هڪ خطرناڪ الميو بڻجي چڪو آهي، جيڪو سماج جي بنيادن کي لوڏي رهيو آهي. جيڪڏهن اڄ سنجيدگي سان قدم نه کنيا ويا، ته ايندڙ نسل وڌيڪ غير محفوظ ماحول ۾ پلجندو. امن، انصاف ۽ روزگار کان سواءِ ڪابه قوم ترقي نٿي ڪري سگهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته حڪومت، ادارا ۽ عوام گڏجي هن ناسور خلاف جدوجهد ڪن. خاموشي هاڻي جرم بڻجي وئي آهي، ۽ آواز اٿارڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.
پر ڪٿي سوال پڇڻ تي ايف آءِ آر به داخل ٿي ٿئي، سو ڳالهه پيا ڪريون ان اسٽريٽ ڪرائيم جي، جيڪو نه فقط مالي نقصان رسائي ٿو، پر ڪيترن انسانن جون جانيون به ڳڙڪائي ويو آهي. ٿوري مزاحمت تي فوري فائرنگ سان ڪيترائي ماڻهو پنهنجي جان وڃائي چڪا آهن. ڪيترين ڀينرن پنهنجا ڀائر، ڪيترين ونين پنهنجا ور، ڪيترن معصومن پنهنجا والد، ۽ ڪيترن والدين پنهنجا جوان ٻچا وڃايا آهن. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته مال وڃائڻ کان پوءِ وري ڪمائي سگهجي ٿو، پر وڃايل جان ڪڏهن به واپس نٿي اچي. ان خوف سبب هاڻي ماڻهو بنا مزاحمت پنهنجي هر شيءِ ڏيڻ لاءِ مجبور ٿي ويا آهن.
سنڌ، جيڪا صوفين، شاعرن، عالمن ۽ امن پسند ماڻهن جي ڌرتي رهي آهي، اڄ بدامني، خوف ۽ بيچيني جي ور چڙهيل نظر اچي ٿي. هڪ وقت هو جڏهن سنڌ جا شهر، بازارون، گهٽيون ۽ چوڪ محفوظ سمجهيا ويندا هئا. ماڻهو رات دير تائين بي فڪر گهمندا ڦرندا هئا، ٻار رستن تي کيڏندا هئا، ۽ عورتون بنا ڊپ جي خريداري لاءِ نڪرنديون هيون. پر اڄ صورتحال مڪمل طور تي بدلجي چڪي آهي. خاص طور تي ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ ٻين ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم روزمرهه جي زندگي جو حصو بڻجي چڪو آهي.
روزانو اخبارن ۾ موبائل ڇنڻ ڦرڻ ، موٽر سائيڪل چوري، هٿياربند ڦر، زخمي ٿيڻ ۽ قتل جون خبرون عام نظر اچن ٿيون. ماڻهو گهر کان ٻاهر نڪرندي پنهنجي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت بابت فڪرمند رهن ٿا. هي صورتحال صرف هڪ قانوني مسئلو نه، پر هڪ وڏو سماجي، معاشي ۽ اخلاقي بحران بڻجي چڪي آهي.
گذريل ڪجهه سالن دوران سنڌ ۾ ڏوهاري سرگرمين ۾ خطرناڪ اضافو ٿيو آهي. خاص ڪري وڏن شهرن ۾ موٽر سائيڪل تي سوار ٻه يا ٽي هٿياربند نوجوان ماڻهن کان موبائل، پرس، زيور ۽ رقم کسين ٿا. ڪيترن واقعن ۾ مزاحمت ڪرڻ تي ماڻهن کي گوليون هڻي ماريو وڃي ٿو، جيڪي سماج لاءِ انتهائي ڏکوئيندڙ واقع آهن.
اهي ڏوهه صرف غريب علائقن تائين محدود ناهن، پر پوش علائقن، تعليمي ادارن جي ڀرسان، اسپتالن، بازارن ۽ حتيٰ مسجدن جي ويجهو به ٿين ٿا. ڏينهن جي روشنيءَ ۾، ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ ڏوهاري بنا خوف جي ڪارروائي ڪن ٿا، جيڪو قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي ڪمزوريءَ جو کليل ثبوت آهي.
ڪيترا ئي واقعا اهڙا آهن، جتي متاثر ماڻهو مهينن تائين انصاف لاءِ در در ڀٽڪندا رهن ٿا. ڪٿي مزاحمت تي قتل ٿئي ٿو، ته مٿان سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي رڪارڊنگ هوندي به سالن جا سال گذرڻ باوجود قاتل گرفتار نٿا ٿين. بي وس يتيم ٻار سفيد پوش زندگي ڇڏي روڊن تي ڌڪا کائڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا، پر نتيجو ڪجهه به نٿو نڪري. ان سبب عوام ۾ مايوسي وڌي رهي آهي، ۽ ماڻهو قانون بدران پنهنجي حفاظت لاءِ ذاتي طريقا اختيار ڪرڻ لڳا آهن، جيڪو وڌيڪ بدامني کي جنم ڏئي ٿو.
بدامنيءَ جي مسئلي جو سڀ کان اهم پاسو پوليس نظام جي ڪمزوري آهي. عملي طور تي ڪوبه مؤثر انتظام نظر نٿو اچي. گشت جو نظام ڪمزور آهي، ۽ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال تمام محدود آهي.
گهڻن شهرين جي شڪايت آهي ته پوليس ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ۾ دير ڪري ٿي يا رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ته متاثر ماڻهو کي ئي قصوروار بڻايو وڃي ٿو. اهڙي رويي سبب پوليس ۽ عوام جي وچ ۾ اعتماد ختم ٿي رهيو آهي.
ڪجهه ڪيسن ۾ پوليس اهلڪارن تي ڏوهارين سان ملي ڀڳت جا الزام پڻ لڳندا رهيا آهن. جيڪڏهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پاڻ شفاف نه هوندا، ته پوءِ امن ڪيئن قائم ٿي سگهي ٿو؟ پوليس ۾ ميرٽ، تربيت ۽ احتساب جو فقدان هن بحران کي وڌيڪ وڌائي رهيو آهي.
اسٽريٽ ڪرائيم جي واڌ جو هڪ وڏو سبب معاشي بحران پڻ آهي. سنڌ ۾ بيروزگاري وڌي رهي آهي، خاص ڪري نوجوانن ۾ مايوسي عام ٿي چڪي آهي. تعليم حاصل ڪرڻ باوجود نوڪري نه ملڻ، مهانگائي ۽ گهر جي ذميوارين جو بار ڪيترن نوجوانن کي غلط رستن ڏانهن ڌڪي رهيو آهي.
جڏهن نوجوان پنهنجي محنت جو ڪو مناسب نتيجو نٿو ڏسي، ۽ سماج ۾ ناانصافي محسوس ڪري ٿو، تڏهن هو آساني سان ڏوهاري گروهن جي ور چڙهي سگهي ٿو. ڪيترائي ٽولا نوجوانن کي ٿوري رقم، موٽر سائيڪل يا هٿيار ڏئي جرم ڪرائين ٿا. غربت، غير معياري تعليم، نشي جي لت ۽ خانداني مسئلا پڻ ڏوهاري سوچ کي هٿي ڏين ٿا.
بدامني جو سڀ کان وڏو نقصان عام ماڻهو ڀوڳين ٿا. مسلسل خوف ۾ جيئڻ سبب ماڻهن جي نفسياتي حالت متاثر ٿي رهي آهي. والدين ٻارن کي اڪيلي اسڪول موڪلڻ کان ڊڄن ٿا، عورتون شام کان پوءِ گهر کان ٻاهر نڪرڻ کان ڪيٻائين ٿيون، ۽ بزرگ پاڻ کي غير محفوظ سمجهن ٿا.
هي صورتحال سماج ۾ اعتماد جي کوٽ پيدا ڪري رهي آهي. ماڻهو هڪ ٻئي تي شڪ ڪرڻ لڳا آهن. پاڙيسري، اجنبي ۽ ڪڏهن ڪڏهن سڃاڻپ وارا ماڻهو به شڪ جي نظر سان ڏٺا وڃن ٿا. ڪاروبار به متاثر ٿي رهيو آهي، ۽ واپاري نقصان سبب پنهنجو ڌنڌو بند ڪرڻ يا منتقل ڪرڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن. اهڙي طرح بدامني سڌي طرح معاشي ترقي کي روڪي رهي آهي. بدامني تي ضابطو آڻڻ لاءِ صرف عارضي قدم ڪافي ناهن، پر ڊگهي مدي واري پاليسي ضروري آهي. حڪومت کي پوليس سڌارن تي سنجيدگي سان ڪم ڪرڻ گهرجي. جديد ٽيڪنالاجي، سي سي ٽي وي، ڊيٽابيس ۽ نگراني نظام کي بهتر بڻائڻ گهرجي. روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ، فني تربيت مرڪز کولڻ، نوجوانن کي قرض ۽ سهولت ڏيڻ، ۽ تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ انتهائي ضروري آهي. ساڳي وقت احتساب جو مضبوط نظام قائم ڪيو وڃي، جيئن ڪرپشن ۽ نااهلي ختم ٿئي. قانون سڀني لاءِ برابر هجي، پوءِ اهو عام ماڻهو هجي يا طاقتور شخص.
اهي سڀ گهرجون جيڪڏهن پوريون ڪيون وڃن ته شايد ملڪ مان ڏوهه ختم ٿي سگهي، پر اهو تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن نيت صاف هوندي. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته گذريل ڪجهه عرصي ۾ پوليس اداري بابت ريپ ڪيس، ڪوڙا مقابلا ۽ ڏوهارين سان ملي ڀڳت جون خبرون سامهون آيون آهن. محافظن جو رھزن بڻجڻ انتهائي افسوسناڪ عمل آهي. اميد آهي ته سرڪار هن نظام کي ضرور بهتر بڻائيندي.