لکي غلام شاهه (رپورٽ:نديم جان مهر) لکي غلام شاهه لڳ ڳوٺ محراب کوسو ۾ چوري جي ڪوشش، سجاڳ ٿيڻ تي ڀاڳيو قتل وارثن جو احتجاج، سکر شڪارپور روڊ تي ڌرڻو، لکي غلام شاهه ڀرسان دائم ملڪ ٿاڻي جي حد ڳوٺ محراب کوسو ۾ اڻڄاتل چور ڳوٺاڻي عثمان کوسو جي گهر ۾ داخل ٿي چوري جي ڪوشش ڪئي ته ڀاڳيو سجاڳ ٿي ويو، مزاحمت ڪري هڪ چور کي سوگهو ڪيو ته ساٿي چورن ڪلاشنڪوف جو فائر ڪري نوجوان عثمان کوسو کي مٿي ۾ گولي هڻي قتل ڪري ساٿي ڇڏائي فرار ٿي ويا، وارث مقتول جو لاش کڻي لکي غلام شاهه اسپتال منتقل ڪيو جتي پوليس نه پهچڻ خلاف احتجاج ڪندي سکر شڪارپور روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو ڊي ايس پي لکي غلام شاهه محمد علي سومرو خاطري ڪرائي روڊ خالي ڪرائڻ بعد واقعي واري هنڌ پهچي پيرا کنيا ويا جيڪي ڳوٺ نمورو ويجهو اصغر مهر جي گهر داخل ٿيڻ تي گهر خالي ٿيل نظر آيو، هوڏانهن احمد الدين کوسو عبدالسميع کوسو شعبان کوسو ۽ ٻين ايس ايس پي شڪارپور کان گھر ڪئي آهي ڀاڳئي جي قتل گهربل جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي، ٻئي طرف قتل ٿيل ڳوٺاڻي عثمان کوسي جو قتل ڪيس مقتول جي ڀاءُ عبدالعزيز کوسو جي فرياد تي دائم ملڪ ٿاڻي تي سعيد عرف سيٺو مهر، روشن مهر، عطاءُ الله مهر، غلام سرور مهر سميت ٻن اڻسڃاتل جوابدارن خلاف داخل ڪرايو ويو، ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو ته مٿيان جوابدار ڏوھ ڪرڻ جي ارادي سان گهر ۾ داخل ٿيا ته اسان جي مزاحمت ڪرڻ تي جوابدار سعيد عرف سيٺو ڪلاشن ڪوف جو سڌو فائر منهنجي ڀاءُ عثمان تي ڪيو، جوابدارن منهنجي ڀاءُ کي قتل ڪري فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، آخري اطلاعن تائين گرفتاري عمل اچي ناهي سگهي ايس ايڇ او دائم ملڪ عبدالستار بروهي جو چوڻ آهي ته جلد جوابدار گرفتار ڪري عدالت پيش ڪيا ويندا.