صوفي راڳي مٿان حملي جا جوابدار گرفتار ڪيا وڃن:ايس يو پي اڳواڻ

ڪراچي (پ ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي سينئر نائب صدر روشن علي ٻرڙو، ڪراچي ڊويزن جي چيف آرگنائيزر خادم ٻرڙو، فتح خاصخيلي، مصطفيٰ چانڊيو ۽ ستار ڏاهري سنڌ جي صوفي راڳي فقير خالد ڀٽي تي سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ايف آءِ آر ۾ داخل ڏوهارين کي فوري گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ايس يو پي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته فنڪار امن جا سفير هوندا آهن ۽ امن جي سفيرن سان اڍنگو ۽ تشدد وارو رويو ڪنهن به صورت قابل قبول ناهي، فقير خالد ڀٽي سنڌ جو ناليوارو صوفي راڳي آهي جنهن پنهنجي سرن وسيلي سدائين امن، محبت ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو آهي، اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ گذريل 18 سالن کان ڏوهارين کي آزاد ڇڏيو ويو آهي، ۽ هاڻي ته سنڌ جا فنڪار جيڪي امن جا پيامبر هوندا آهن اهي به ان ڏوهارين کان آجا ناهن. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ها ته ثقافت کاتي جي وزير يا ڪنهن اعليٰ عملدار کي فقير خالد ڀٽي جي مالڪي ڪرڻ گهرجي ھا پر افسوس جو سنڌ جا حڪمران صرف سنڌ جي عوام جي استحصال ۾ پورا آهن .

  1. ڪراچي بحريا ٽائون ۾ راڳي ممتاز مولائي جي گهر ۾ ڌاڙو

ڪراچي/ ملير (رپورٽر/ ڊ ر) ڪراچي جي بحريا ٽائون ۾ ڌاڙي جي وڏي واردات، سنڌ جي مشهور فنڪار ممتاز مولائي جي گهر ۾ لکين رپين جو ڌاڙو هنيو ويو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو، بحريا ٽائون ۾ هٿياربندن فنڪار ممتاز مولائي جي گهر تي ڪاهه ڪري ڀاتين کي يرغمال بڻائي لکين رپين جي ماليت جو سون ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦري فرار ٿي ويا، پوليس موجب واردات ممتاز مولائي جي گهر ۾ ٿي، موٽر سائيڪل تي سوار ٻه  جوابدار گهر ۾ داخل ٿيا، جن مان هڪ وٽ پسٽل ۽ ٻئي وٽ ڇري هئي، عملدارن جو چوڻ آهي ته جوابدارن گهر وارن کي يرغمال بڻائي 15 تولا سون، نقدي ۽ موبائل فونز ڦري فرار ٿي ويا، فنڪار ممتاز مولائي پاران ٻڌايو ويو ته هو دادو ۾ پروگرام ڪرڻ ويو ھو ته پٺيان واقعو پيش آيو، پوليس موجب علائقي ۾ لڳل سي سي ٽي وي فٽيجز حاصل ڪيا پيا وڃن، واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.