ڪرڪيٽ ۾ مُلڪي سياست جي مداخلت: آءِ سي سي کي نوٽيس وٺڻ گهرجي

ڪرڪيٽ کي سدائين “جنيٽلمينز گيم” سڏيو ويو آهي—اهڙي راند جيڪا مقابلي سان گڏ احترام، برداشت ۽ ڀائيچاري جو پيغام به ڏئي ٿي۔ جڏهن به ڪنهن ميچ جي پڄاڻي تي رانديگر هڪ ٻئي سان هٿ ملائين ٿا، ته اهو منظر رڳو رسم نه هوندو آهي، پر راند جي روح—اسپورٽسمين اسپرٽ—جو اظهار هوندو آهي۔ اهڙي پسمنظر ۾ جيڪڏهن ڪنهن به ٽيم طرفان مخالف رانديگرن سان هٿ نه ملائڻ جهڙو رويو اختيار ڪيو وڃي، ته ها نه رڳو راند جي اخلاقيات خلاف آهي پر ڪرڪيٽ جي عالمي برادري لاءِ به فڪري لمحيو آهي۔

ڪالهه سري لنڪا ۾ کيڏيل ٽي ٽوئنٽي مقابلي دوران ڀارتي رانديگرن طرفان هٿ نه ملائڻ بابت پيدا ٿيل تاثرن ۽ بحثن ڪرڪيٽ جي حلقن ۾ سوال اٿاريا آهن۔ جيڪڏهن واقعي اهڙو رويو اختيار ڪيو ويو هجي ته ان تي سنجيده توجهه ضروري آهي۔ ڪرڪيٽ جي عالمي نگران اداري طور آءِ سي سي جي ذميواري بڻجي ٿي ته هو فيئر پلي ۽ اسپورٽسمين اسپرٽ بابت پنهنجي ضابطن تي سختي سان عمل ڪرائي۔

پاڪستان ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ مقابلي کي دنيا جي سڀ کان وڏي راندين واري رقابت مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو۔ هر ميچ جذبات، تاريخي پسمنظر ۽ اعليٰ مقابلي سان ڀريل هوندي آهي۔ پر هيءَ به حقيقت آهي ته ميدان اندر موجود رانديگر ٻنهي ملڪن جي عوام لاءِ اميد ۽ مثبت پيغام جا سفير هوندا آهن۔ جيڪڏهن اهي ئي رانديگر سياست جي ڇانوَ ۾ اچي وڃن ته پوءِ راند جي خوبصورتي متاثر ٿيندي آهي۔ ڪرڪيٽ ۾ مقابلو سخت هجي، پر رويو شائسته هجڻ گهرجي۔ هٿ ملائڻ، مخالف جي ڪارڪردگي کي ساراهڻ ۽ ميچ کانپوءِ باهمي عزت جو اظهار ڪرڻ عالمي معيار آهن۔ آءِ سي سي جي ضابطن ۾ به فيئر پلي ۽ مخالف ٽيم سان مناسب رويو اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي۔ اهڙي صورت ۾ جيڪڏهن ڪنهن به ٽيم طرفان اهڙي روايت کي نظرانداز ڪيو وڃي ته ان تي وضاحت طلب ڪرڻ آءِ سي سي جو فرض آهي۔

اهو به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ سياسي ڇڪتاڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي۔ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ لاهه ۽ چاڙهه رهندو آيو آهي، جنهن جو اثر ڪڏهن ڪڏهن ڪرڪيٽ تي به پيو آهي۔ پر عالمي تجربي مان اهو سبق ملي ٿو ته راندين کي سياسي اختلافن کان مٿانهون رکڻ گهرجي۔ ڏکڻ آفريڪا جي نسلي امتيازي دور کان وٺي جديد دور تائين، راندين کي سفارتي پُل طور به استعمال ڪيو ويو آهي۔ جيڪڏهن سياست کي ميدان ۾ آندو ويندو ته پوءِ راند پنهنجي اصل مقصد کان هٽي ويندي۔

سري لنڪا جهڙي غيرجانبدار ميزبان ملڪ ۾ کيڏجندڙ ميچ دوران جيڪڏهن ٽيم اسپرٽ جو مظاهرو گهٽ نظر اچي، ته اهو ميزبان ملڪ ۽ تماشائين لاءِ به مايوسي جو سبب بڻجي ٿو۔ ڪرڪيٽ صرف ٻن ٽيمُن جو مقابلو ناهي؛ اهو ٽنهي ڌرين—رانديگرن، تماشائين ۽ منتظمين—جي گڏيل جشن جو نالو آهي۔ هٿ ملائڻ جهڙي علامتي عمل کي نظرانداز ڪرڻ ڪرڪيٽ جي ڀائيچاري کي ڌڪ پهچائي سگهي ٿو۔

ان حوالي سان بي سي سي آءِ ۽ پي سي بي ٻنهي تي به اخلاقي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي پنهنجن رانديگرن کي واضح هدايتون ڏين ته راند دوران ۽ ان کان پوءِ شائستگي جو مظاهرو ڪن۔ ڪرڪيٽ بورڊن کي گهرجي ته هو رانديگرن کي ياد ڏيارين ته هو رڳو پنهنجي ملڪ نه پر راند جي عالمي ساک جا نمائندا آهن۔

راندين ۾ سياسي پيغام ڏيڻ جو لاڙو عالمي سطح تي بحث هيٺ رهيو آهي۔ پر جڏهن اهو عمل راند جي بنيادي اخلاقيات کي متاثر ڪري، تڏهن عالمي ادارن کي اڳتي وڌي قدم کڻڻو پوي ٿو۔ آءِ سي سي کي گهرجي ته هو اهڙن واقعن بابت حقيقتون معلوم ڪري ۽ جيڪڏهن ضابطن جي ڀڃڪڙي ثابت ٿئي ته مناسب رهنمائي يا تنبيهه جاري ڪري۔ مقصد سزا ڏيڻ نه، پر راند جي روح کي محفوظ رکڻ هجڻ گهرجي۔

پاڪستان ۽ ڀارت جي عوام ۾ ڪرڪيٽ لاءِ بي پناهه محبت موجود آهي۔ ٻنهي ملڪن جي نوجوان نسل لاءِ ڪرڪيٽ اميد، جوش ۽ سڃاڻپ جو ذريعو آهي۔ جيڪڏهن سياسي اختلافن کي ميدان ۾ آندو ويندو ته اهو نوجوانن کي منفي پيغام ڏيندو۔ راندين جو اصل مقصد قومن کي ويجهو آڻڻ آهي، نه ته فاصلا وڌائڻ۔ تاريخ شاهد آهي ته جڏهن به پاڪستان ۽ ڀارت جي رانديگرن هڪ ٻئي سان عزت ۽ احترام جو مظاهرو ڪيو آهي، تڏهن دنيا انهن کي ساراهيو آهي۔ ميچ جي پڄاڻي تي گڏيل تصويرون، مرڪون ۽ هٿ ملائڻ جا منظر ئي ڪرڪيٽ جي اصل سڃاڻپ آهن۔ اهڙي سڃاڻپ کي سياست جي نذر ٿيڻ کان بچائڻ ضروري آهي۔

اهو به ياد رکڻ گهرجي ته رانديگر اڪثر ڪري پنهنجي بورڊن ۽ انتظامي فيصلن جا پابند هوندا آهن۔ تنهنڪري ذميواري صرف ميدان ۾ موجود رانديگرن تي نه پر انهن ادارن تي به آهي جيڪي پاليسيون ترتيب ڏين ٿا۔ آءِ سي سي کي گهرجي ته هو واضح ڪري ته عالمي ٽورنامينٽن ۽ ٻطرفي سيريزن دوران فيئر پلي جي ڪنهن به ڀڃڪڙي کي برداشت نه ڪيو ويندو۔

آخر ۾، آءِ سي سي، بي سي سي آءِ ۽ پي سي بي سميت سڀني لاڳاپيل ڌرين کي سنجيدگي سان سوچڻو پوندو ته ڇا هو ڪرڪيٽ جي روح کي محفوظ رکڻ لاءِ تيار آهن؟ جيڪڏهن جواب ها ۾ آهي ته پوءِ هر اهڙي واقعي جو نوٽيس وٺڻ ۽ واضح پيغام ڏيڻ لازمي آهي ته اسپورٽس مين اسپرٽ ڪنهن به حال ۾ قربان نه ٿيندي۔ ڪرڪيٽ رڳو رنز، وڪيٽن ۽ ٽرافيز جو نالو ناهي؛ اهو احترام، ڀائيچاري ۽ عالمي هم آهنگيءَ جو به نالو آهي۔ سياست کي سياست تائين محدود رکڻ ۽ راند کي راند رهڻ ڏيڻ ئي وقت جي اهم ضرورت آهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.