ايران جي آبناءِ هرمز مان گذرندڙ جهازن ۽ آئل ٽينڪرن کي نئين ڌمڪي

تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني فوج تجارتي بحري جهازن ۽ آئل ٽينڪرن کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايران جي اجازت کانسواءِ يا مقرر ڪيل رستي کان هٽي آبناءِ هرمز مان گذرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان جا نتيجا خطرناڪ ٿي سگهن ٿا.

هڪ بيان ۾ ايراني فوج چيو آهي ته آبناءِ هرمز تي ايران جو ڪنٽرول مضبوط آهي. سڀئي تجارتي جهاز ۽ آئل ٽينڪر روپ ايران کان اجازت وٺي ۽ مقرر ڪيل رستي مطابق ئي هن سامونڊي لنگهه مان گذري سگهن ٿا.

ايراني فوج وڌيڪ چيو ته جيڪو ان تي عمل نه ڪندو، اهو نه روپ پنهنجي لاءِ پر ٻين جهازن جي ٽرئفڪ لاءِ به خطري جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

ياد رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي آبناءِ هرمز کولڻ جي اعلان کان پوءِ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 24 بحري جهازن هن رستي کي پار ڪيو آهي. ٽرمپ ڪالهه ايران جي بحري ناڪابندي ختم ڪرڻ جو به اعلان ڪيو هو.

پاسدارانِ انقلاب موجب، اهي 24 جهاز ايراني بحريا جي سهڪار سان آبناءِ هرمز مان گذريا. انهن ۾ تيل کڻندڙ ٽينڪر ۽ ڪنٽينر جهاز شامل هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.