سانگهڙ ۾ غيرت جي نالي تي مڙس هٿان پيرسن زال قتل

سانگهڙ (رپورٽ: محمد حسين بلوچ) سانگهڙ جي منگلي ٿاڻي جي حد ۾ مبينه غيرت جي نالي تي 65 سالن جي عورت مڙس ھٿان قتل ٿي وپئي، ٻڌايو پيو وڃي ته عورت کي ڪوڏر جا وار ڪري قتل ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته شفيع آباد چاڪراڻي اسٽاپ ڀرسان مبينا غيرت جي نالي تي  جوابدار ماريو ڀيل 65 سالن جي زال بَلڪِي کي ڪوڏر جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، اھڙي اطلاع تي منگلي پوليس واقعي واري هنڌ پھچي مقتولا جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ ڊسٽرڪٽ ھيڊ ڪوارٽر اسپتال سانگھڙ پھچايو ۽ جوابدار ماريو ڀيل کي گرفتار ڪري ورتو جنھن کان پوليس وڌيڪَ جاچ ڪري رهي آهي.

ڪراچي ۾ سوناري جي دڪان مان ڪروڙن جي چوري

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ چور سوناري جي دڪان مان ڪروڙن جو سون ۽ نقدي کڻي ويا، پوليس موجب واقعي ملير سٽي جي علائقي ۾ قائم گانچي مارڪيٽ ۾ پيش آيو، جتي جوابدار دڪان جا تالا ڪٽي سوناري جي  ٽجوڙي کڻي ويا، پوليس ٻڌايو ته ٽجوڙي ۾ 850 گرام سون ۽ 15 لک رپيا نقد موجود هئا، واقعي  جو ڪيس داخل ڪري مارڪيٽ جي چوڪيدار کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪئي وئي، پوليس موجب متاثر سوناري ٻڌايو آهي ته دڪان مان پنج ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي واردات ٿي آهي، جڏهن ته جوابدارن جي سي سي ٽي وي فٽيجز ذريعي ڳولا ڪئي پئي وڃي، واضح رهي ته پنج ڏينهن اڳ سعيد آباد ۾ به اهڙي ئي واردات ٿي هئي، جتي جوابدارن سوناري جي دڪان جا تالا ڪٽي 40 لک رپين کان وڌيڪ ماليت جا سون ۽ چاندي جا زيور کڻي ويا هئا، جنهن جو ڪيس سعيد آباد ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.