اسلام آباد (بيورو) پاڪستان ۾ حڪومت جي انتظام هيٺ هلندڙ 25 سرڪاري ادارن جو خسارو 832 ارب رپين تائين پهچي ويو. ناڻي واري وزارت انهن ادارن جي ڪارڪردگي تي تفصيلي سالياني رپورٽ جاري ڪئي جنهن موجب 30 جون 2025 تي ختم ٿيل مالي سال دوران سڀ کان وڌيڪ خسارو نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۾ ٿيو. اين ايڇ اي جو مجموعي خسارو 294 ارب 90 ڪروڙ رپيا رڪارڊ ڪيو ويو، ٻئي نمبر تي ڪوئيٽا اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪارپوريشن ۽ ٽئين نمبر تي پشاور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪارپوريشن رهيا. ٻنهي ترتيب وار 112 ارب 70 ڪروڙ ۽ 92 ارب 70 ڪروڙ رپيا خسارو ڪيو. پي آءِ اي هولڊنگ ڪمپني جو خسارو 48 ارب 90 ڪروڙ رپيا، پاڪستان ريلوي جو خسارو 60 ارب رپيا رهيو، ناڻي واري وزارت موجب، 52 حڪومتي ادارن نقصان بدران منافعو ڪمايو جنهن جو مجموعي ڪاٿو 709 ارب رپيا هو. سرڪاري ادارن جو خالص خسارو 123 ارب رپيا رهيو، جيڪو سال 2024 ۾ 30 ارب 60 ڪروڙ رپيا هو. موجوده حڪومت جي دور ۾ سرڪاري ادارن جو خسارو ٽيڻ تي وڌي ويو آهي. سڀ کان وڌيڪ منافعو ڏيندڙ ادارو آئل اينڊ گيس ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن رهيو جنهن 169.9 ارب رپيا منافعو ڪمايو. ٻئي نمبر تي پاڪستان پيٽروليم لميٽڊ 89.9 ارب رپيا، ٽئين نمبر تي نيسنل بينڪ 52 ارب 23 ڪروڙ رپيا منافعو ڪمايو. انگن اکرن موجب، مالي سال 2025 دوران حڪومت ادارن کي هلائڻ لاءِ 2078 ارب رپيا جاري ڪيا جيڪي گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ 37 سيڪڙو وڌيڪ آهن. هي رپورٽ اهڙي وقت ۾ جاري ڪئي وئي آهي جڏهن هلندڙ مهيني آءِ ايم ايف جو جائزو مشن پاڪستان ايندو. آءِ ايم ايف سميت عالمي مالياتي ادارا پاڪستان ۾ سرڪاري ادارن جي ناقص ڪارڪردگي ۽ غير منافعي بخش ڪاروباري ماڊلز تي سوال اٿاري رهيا آهن. آءِ ايم ايف جو زور آهي ته حڪومت ادارن جي نجڪاري ڪري. حڪومت چوي ٿي ته نجڪاري جي پهرئين مرحلي ۾ پي آءِ اي جي وڪري جو عمل مڪمل ٿي ويو، هاڻي بجلي ورڇ ڪمپنين جي نيلامي ٿيندي. نجڪاري ڪميشن موجب، 2024 کان 2025 دوران مختلف مرحلن ۾ 24 حڪومتي ادارن جي نيلامي جو عمل مڪمل ڪيو ويندو.