اسلام آباد/لاهور (عوامي آواز رپورٽ) عمران خان جي علاج لاءِ پي ٽي آءِ پاران احتجاجي طور مختلف هنڌن تي ڌرڻا هنيا ويا. اٽڪ پل خير آباد، نوشهرا سميت خيبرپختونخوا جا ايندڙ ويندڙ رستا بند ڪيا ويا. مظاهرين جو مطالبو آهي ته عمران خان کي سندس ذاتي معالج تائين رسائي ۽ الشفا اسپتال ۾ ذاتي ڊاڪٽر جي نگراني ۾ مڪمل علاج جي سهولت ڏني وڃي. پي ٽي آءِ ڪارڪنن اٽڪ پل کي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيو. انصاف يوٿ ونگ ۽ انصاف اسٽوڊنٽ فيڊريشن جا ڪارڪن روڊن تي ڌرڻا هڻي ويهي رهيا. صوبائي مرڪزي قيادت اسلام آباد ۾ ٽن هنڌن تي ڌرڻا هنيا. بند رستن ۾ صوابي انبار انٽرچينج، ڊي آءِ خان بکر روڊ، لڪي مروت ميانوالي روٽ، هزارا موٽروي تي ايبٽ آباد حويليان انٽرچينج، ڪوهاٽ پنڊي روڊ، اسلام آباد ۾ ميانوالي پيڪ روڊ، يارڪ ٽول پلازا ۽ سي پيڪ انٽرچينج بند رهيا. ٻئي پاسي پوليس پارليامينٽ ٻاهران اپوزيشن اتحاد تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ نواز کوکر کي روڪي ورتو. ان حوالي سان هن چيو ته اپوزيشن ليڊر ۽ ساٿي ڪالهه کان واڙيل آهن، انهن لاءِ نيرن کڻي آيو آهيان پر مون کي وڃڻ نٿو ڏنو وڃي. هن چيو ته مون کي نه وڃڻ ڏيو پر کاڌي پيتي جي شين کي ته وڃڻ ڏيو. سندس چوڻ هو ته پارليامينٽ جي درن تي تالا ۽ ايوان جي ساک متاثر ٿيندي ڏسي افسوس ٿيو. اپوزيشن اڳواڻن خيبرپختونخوا هائوس جي در تي ڌرڻو هنيو. پوليس ميڊيا کي روڪي ڇڏيو. ڊي آءِ جي آپريشنز جواد طارق چيو ته ڪنهن صحافي کي انٽرويو جي اجازت ناهي، ڪنهن انٽرويو جي ڪوشش ڪئي ته ڪيمرا ڦري ويندي.