عمران خان کي پٽن سان ڳالهرايو ويو، اڳوڻا ڪرڪيٽر حمايت ۾ ميدان ۾ اچي ويا

اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي سندس پرڏيهه ۾ ترسيل پٽن سليمان ۽ قاسم سان ٽيلي فون تي ڳالهه ٻولهه ڪرائي وئي. ٻئي پاسي عمران خان جي صحت جي معاملي تي  اپوزيشن پارٽين کانسواءِ اڳونن ڪرڪيٽرن طرفان به خدشن جو اظهار ڪيو ويو. جيل ذريعن موجب، سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ڪرايل فون ڪال 25 منٽ جاري رهي. عمران خان جي اک جي بيماري بابت تفصيلي ڳالهيون ٿيون. عليما خان به عمران خان جي پٽ سان ڳالهه ٻولهه جي تصديق ڪئي. هن ٽوئيٽ ڪري چيو ته ٻار خوشي محسوس ڪري رهيا هئا. ٻئي پاسي عمران خان جي بيماري واري معاملي تي وسيم اڪرم افسوس جو اظهار ڪيو ۽ کيس بهترين طبي سهولتون ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. هن ايڪس تي چيو ته کيس ڏک ٿيو آهي، هو دل سان اميد ڪري ٿو ته عملدار معاملي کي سنجيده وٺندا. اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو ته صحت جو معاملو عمران خان جو بنيادي حق آهي، عمران خان يا سندس گهرڀاتي جتي چاهين، اتي سندس علاج ٿيڻ گهرجي. شعيب اختر ايڪس تي بيان ۾ چيو ته عمران خان جي اک جي نور واري خبر ٻڌي ڏک ٿيو. اميد آهي ته جلد بهترين علاج جون سهولتون ڏنيون وينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.