صحافي خرم اقبال آزاد، مريم نواز تنقيد جو شڪار

لاهور(عوامي آواز نيوز)صحافي خرم اقبال کي هڪ تنقيدي ٽوئيٽ تي مختصر حراست ۾ وٺڻ بعد آزاد ڪيو ويو آهي،هن نيوز ٽي وي جي پروڊيوسر خرم اقبال کي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي تقرير مان هڪ ڪلپ شيئر ڪرڻ تي حراست ۾ ورتو ويو، جنهن کي هن “زبان جي لغزش”  قرار ڏنو هو۔ اطلاعات واري صوبائي وزير عظمي بخاري ان ڪلپ کي پيڪا ايڪٽ  تحت جعلي وڊيو قرار ڏنو۔خرم اقبال، جيڪو 16 سالن کان ميڊيا سان لاڳاپيل رهيو آهي، کيس نيشنل ڪائونٽر ڪميونيڪيشن اينڊ انفارميشن ايجنسي طرفان پڇا ڳاڇا لاءِ کنڀيو ويو۔ لڳ ڀڳ ڇهن ڪلاڪن جي جاچ کانپوءِ کيس بغير ڪنهن الزام جي آزاد ڪيو ويو۔هن واقعي کانپوءِ پنجاب ۾ تنقيد ڪندڙن خلاف پيڪا جي استعمال بابت وڌيڪ خدشا سامهون اچي رهيا آهن،سينيئر صحافي حامد مير سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري تي تنقيد ڪندي لکيو ته عظميٰ بخاري هڪ ڀيرو ٻيهر “ڊس انفارميشن منسٽر” ثابت ٿي ڇو ته هن صحافي خرم بابت دعويٰ ڪئي هئي  ته هو جعلي وڊيو پکيڙڻ جي الزام هيٺ حراست ۾ آهي، جڏهن⁠ته خرم اقبال ڪا به جعلي وڊيو شيئر نه ڪئي هئي، ياد رهي ته ميانوالي  ۾ جلسي دوران مريم نواز جي تقرير جو هڪ جملو، “مريم نواز، نواز شريف جيان دعويٰ نه ڪندي، ڪم ڪري ڏيکاري ٿي”، پاڪستان جي سوشل ميڊيا تي ڇانيل رهيو،.هن تقرير جو ڪلپ شيئر ڪرڻ کانپوءِ خرم اقبال، کي لاھور مان نامعلوم ماڻهن حراست ۾ وٺي ويا،بي بي سي سان ڳالهائيندي خرم اقبال ٻڌايو ته هن ميانوالي ۾ وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي تقرير جو هڪ ڪلپ شيئر ڪيو، جنهن ۾ سندن زبان ترڪي، ۽ هي وڊيو اڃا به مسلم ليگ نواز جي سوشل ميڊيا پيج تي موجود آهي۔خرم اقبال چيو ته “حراست دوران بار بار چيو ويو ته توهان وڊيو ۾ ترميم ڪري سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي، جڏهن⁠ ته مون بار بار چيو ته مون ڪا ايڊيٽنگ نه ڪئي،جيڪڏهن مون کان ڪا غلطي ٿي آهي ته مان معذرت خواھ آهيان،هم نيوز سان وابستا صحافي عاصمه شيرازي الزام لڳايو ته صحافي خرم اقبال کي لاپتا ڪرڻ جو ذميوار پنجاب حڪومت آهي،اهو ڪم آمريت ۾ به نه ٿيو. ڪالهه تائين توهان پيڪا خلاف احتجاج ۾ اسان سان گڏ هئا، اڄ توهان انهي قانون کان به مٿي ٿي ڪري صحافي کي لاپتا ڪري رهيا آهيو۔ عظميٰ بخاري ، مريم اورنگزيب ۽ مريم نواز قانون کي هٿ ۾ نه کڻن،جيو نيوز جي اينڪر وجيهه ثاني لکيو ته "ن ليگ کي وڌيڪ ڊسپلن جي ضرورت آهي،ڪالهه مريم نواز جي تقرير ۾ زبان ترڪي، هڪ صحافي اهو حصو شيئر ڪيو، عظميٰ بخاري ان کي فيڪ قرار ڏنو ۽ اڄ صحافي کي کنڀيو ويو، سڀ کان پهريان عظميٰ بخاري کي عهدي تان هٽايو ۽ صحافي کان معافي وٺو.”

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.