اسلام آباد/ڪولمبو (عوامي آواز رپورٽ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي اهم ميچ اڄ کيڏي ويندي. ان سلسلي ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين محسن نقوي لاهور کان سريلنڪا پهچي ويو آهي جتي ڪولمبو ۾ ميچ اسٽيڊيم ۾ ڏسندو. روانگي کان اڳ هن وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. ذريعن موجب، ميچ کان اڳ هو قومي اسڪواڊ سان ملي سندن حوصلا افزائي ڪندو ۽ مختلف ڪرڪيٽ بورڊن جي سربراهن سان به ملاقاتون ڪندو. امڪان آهي ته هو آءِ سي سي جي چيئرمين جي شاهه سان گڏ ويهي ميچ ڏسي. سريلنڪا ڪرڪيٽ مختلف بورڊ عهديدارن کي دعوت ڏني آهي جڏهن ته بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي صدر امين الاسلام چيو ته ڪولمبو ۾ سائيڊ لائن ملاقات جو مقصد پاڪستان، ڀارت ۽ بنگلاديش وچ ۾ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ آهي. آءِ سي سي پاڪستان، ڀارت، بنگلاديش، افغانستان ۽ سريلنڪا جي سربراهن کي ڳالهين لاءِ گهرايو آهي. ٻئي پاسي پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي ٽيمون پنهنجون شروعاتي 2 ميچون کٽي چڪيون آهن. پاڪستاني ٽيم ۾ امڪاني طور تي فخر زمان ۽ خواجا نافع جي شموليت تي غور ڪيو پيو وڃي. ميچ شام ساڍي ڇهين وڳي شروع ٿيندي، برسات جو به امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.