ڪراچي ۾ جماعت اسلامي جو احتجاج، شيلنگ ۽ لٺبازي، ڪارڪن ۽ اهلڪار زخمي،گرفتاريون

ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) ڪراچي ۾ جماعت اسلامي طرفان شهر جي حقن لاءِ سنڌ اسيمبلي اڳيان ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويو هو، جنهن سلسلي ۾ جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منعم ظفر جي اڳواڻي ۾ مسجد  خضرا کان سنڌ اسيمبلي ڏانهن ريلي ڪڍي وئي. مظاهرين مطالبو ڪيو ته ڪراچي جا پئسا ڪراچي تي خرچ ڪيا وڃن، شهر کي بااختيار مڪاني حڪومت ڏني وڃي، ٽائونن ۽ يوسين کي فنڊ جاري ڪيا وڃن، سيوريج، صفائي ۽ واٽر ڪارپوريشن جا اختيار ٽائونن حوالي ڪيا وڃن. سنڌ اسيمبلي ويندڙ روڊن تي پوليس رنڊڪون لڳايون ۽ ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو. پوليس موجب ڪارڪنن ريڊ زون ۾ داخل ٿي پٿراءُ ڪيو ۽ اسيمبلي ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن بعد ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ ۽ لٺبازي ڪئي وئي. ڇڪتاڻ دوران جماعت اسلامي جو هڪ ڪارڪن زخمي ٿيو، جڏهن ته ڪارڪنن جي پٿراءَ سبب ڪيترائي پوليس اهلڪار پڻ زخمي ٿيا، جن مان پنج اهلڪار جناح اسپتال منتقل ڪيا ويا. پوليس جماعت اسلامي جي ساؤنڊ سسٽم لڳل ٽرڪ قبضي ۾ وٺي 10 ڪارڪنن کي حراست ۾ ورتو. جماعت اسلامي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته پيپلز پارٽي جي فسطائيت سڄو ملڪ ڏسي رهيو آهي، پرامن شهرين تي ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ وائڙائپ جو ثبوت آهي ۽ بااختيار شهري حڪومت ڪراچي جو حق آهي. هوڏانهن سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جماعت اسلامي کي اڳ ئي ٻڌايو ويو هو ته ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه هوندي، مڇريل ڪارڪنن قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ پوليس تي پٿراءُ ڪيو، جماعت اسلامي ڪراچي جو امير قانون هٿ ۾ کڻڻ وارو ڪير ٿيندو آهي؟ ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته اسيمبلي صوبي جي اهم عمارت آهي ۽ ڪارڪنن کي ڏنڊن سان اندر داخل ٿيڻ نه ڏنو ويندو، جڏهن ته احتجاج لاءِ گرائونڊ استعمال ڪرڻ گهرجي. منعم ظفر چيو ته هو شهر جي بنيادي حقن ۽ پاڻي جي فراهمي لاءِ نڪتا آهن، سندن ڪارڪنن تي تشدد ۽ شيلنگ قبول ناهي. صورتحال سبب علائقي ۾ ڇڪتاڻ برقرار رهي. ان ئي دوران پوليس جي موٽرسائيڪلن کي به باهه ڏني وئي، هنگامي سبب روڊن تي ٽريفڪ جام رهي، پوليس مظاهرين کي روڪڻ ۾ ناڪام نظر آئي. گهرو وزير ضيا لنجار چيو ته جماعت اسلامي کي ڳالهين دوران چيو هو ته سنڌ اسيمبلي لاءِ اجازت نه ڏني ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.