ميڊيڪل بنياد تي عمران کي ضمانت ملڻ گهرجي: اعتزاز احسن

لاهور(بيورو)پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ نامور وڪيل اعتزاز احسن ميڊيڪل بنيادن تي باني پي ٽي آءِ جي ضمانت  جي حمايت ڪري ڇڏي آهي،لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران اعتزاز احسن چيو ته ملڪ ۾ جيڪي حالتون پيدا ڪيون ويون آهن، اهي سڀني جي سامهون آهن۔هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي دنيا سان رابطي کي تقريباً ختم ڪيو ويو آهي، هو نه وڪيلن سان ملي سگهي ٿو ۽ نه ئي پنهنجي خاندان سان،هن  وڌيڪ چيو ته باني پي ٽي آءِ جي هڪ اک جي نظر تقريباً 85 سيڪڙو تائين متاثر ٿي چڪي آهي، تنهنڪري کيس ميڊيڪل بنيادن تي ضمانت ملڻ گهرجي۔سندس چوڻ هو ته هتي ته ماڻهو جعلي ميڊيڪل رپورٽون ٺهرائي ٻاهر هليا وڃن ٿا، پر باني پي ٽي آءِ جي اک جي نظر ڇو ۽ ڪهڙي سبب سان وئي، اهي حقيقتون سامهون اچڻ گهرجن۔اعتزاز احسن اهو به چيو ته هن معاملي ۾ صدر مملڪت آصف علي زرداري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ⁠ ته هو اهڙو سياستدان آهي جيڪو سڀني ڌرين کي گڏ ويهاري سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.