اسلام آباد(امتياز گل+حامد مير)14 فيبروري پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ هڪ اهڙو ڏينهن آهي جيڪو ياد رکيو ويندو، جنهن ڏينهن پاڪستان جي چونڊيل عوامي نمائندن کي پارليامينٽ هائوس جي اندر عملي طور تي يرغمال ڪيو ويو. انهن تي پابندي لڳائي وئي، جنهن ۾ سينيٽرز، قومي اسيمبلي ميمبر، محمود خانه اچڪزئي، شاندانه گلزار ، سلمان اڪرم راجا ۽ ٻيا شامل آهن انهن لاءِ کاڌي پيتي جو انتظام به نه ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته پارليامينٽ هائوس جي ڪيفي ٽيريا هفتي جي آخر ۾ بند هوندي آهي. اهو لڳي رهيو آهي ته هن وقت پاڪستان ۾ هڪ انتهاپسند ۽ منافق مرحلو آهي، جنهن تحت احتجاج ۽ عوامي آواز کي دٻايو پيو وڃي.هتي تقريباً 25 پي ٽي آءِ جا ڪارڪن ۽ علامه راجا ناصر سميت ٻيا اڳواڻ موجود هئا، جيڪي عمران خان جي طبي معائني لاءِ احتجاج ڪري رهيا هئا،. انهن جو مطالبو آهي ته عمران خان کي فوري طور شفاع انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪيو وڃي.ڊاڪٽر فيصل سلطان، شوڪت خانم ڪينسر اسپتال جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر، پڻ تازو بيان ڏنو آهي ته صورتحال انتهائي تشويشناڪ آهي ۽ ضروري آهي ته ڊاڪٽرز جو هڪ پينل عمران خان جو معائنو ڪري،حيرت جي ڳالهه آهي ته اپوزيشن جا ڪجهه اهم ميمبر ۽ صحافيون به هن معاملي تي خاموش آهن، جڏهن ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اياز صادق پڻ غيرجانبدار رهڻ جو حلف کڻي چڪو آهي، پر عمل ۾ ڪو قدم نه کنيو آهي.جيڪو عمران خان سان ٿيو، اهو ڪنهن ٻئي سان نه ٿيو. ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي ملي، بينظير ڀٽو کي به مشڪلاتون ٿيون پر ياد رهي ته جڏهن هوءَ سکر جيل ۾ هئي، تڏهن به صورتحال مختلف هئي. پر هڪ اڳوڻي وزيراعظم کي جيل ۾ رکڻ، ۽ ان کي مڪمل ميڊيڪل سهولتون نه مهيا ڪرڻ، ۽ ان جي هڪ اک تقريباً ضايع ٿيڻ، اهو انتهائي افسوسناڪ واقعو آهي.ان جي ذميواري ڪنهن نه ڪنهن تي هجڻ گهرجي. هاڻي ڪجهه حڪومت جا وزير اهڙا بيان ڏئي رهيا آهن ته سڀ ٺيڪ آهي، پر حقيقت اها آهي ته سڀ ٺيڪ نه آهي.مسئلو اهو آهي ته عمران خان جي ملاقاتن تي ڊگهي عرصي تائين پابندي هئي. حڪومت پاران اهو چيو پئي ويو ته جيڪڏهن اپوزيشن 8 فيبروري جي هڙتال جي ڪال واپس نه وٺندي، ته عمران خان سان ملاقاتون نه ٿينديون.صاف ڳالهه آهي ته 8 فيبروري جي ڦيٿاروڪ هڙتال يا شٽر ڊائون هڙتال ته ناڪام ٿي وئي.
وقت سر علاج نه ٿيڻ سبب عمران خان جي اک متاثر ٿي
اسلام آباد(ابصار عالم) سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب عمران خان جو ڊاڪٽرن کي معائنو ڪرڻو آهي، ۽ صرف ٻه راتون بچيون آهن. ڪالهه رات اسلام آباد ۾ ميڊيا به سرگرم رهي، سڀ اهو پڇي رهيا هئا ته خان کي ڪهڙي اسپتال ۾ وٺي ويندا؟.اصل ڳالهه اها آهي ته عمران خان جي ساڄي اک جو مستقل نقصان ٿي چڪو آهي. منهنجي ذريعن موجب، هن جي اک جو تقريباً 85 سيڪڙو نقصان ٿي چڪو آهي، ۽ صرف 15 سيڪڙُ نظر بحال ٿي آهي، جيڪا انجڪشن سان ٿوري بهتر ٿي آهي، پر وڌيڪ بحالي ممڪن ناهي. هي مسئلو اک جي بيماري نه پر خون جي وهڪري سان تعلق رکي ٿو. پهرين صحيح علاج وقت تي نه ٿيو، انجيڪشن ۽ اسٽيرائڊز مڪمل نه لڳايا ويا، جنهن سبب نقصان وڌيو. نتيجي طور، هاڻي اهو نقصان ريورس نه ٿو ڪري سگهجي.ان کان علاوه، ڪنهن به اسپتال ۾ هن وقت عمران خان صاحب کي وٺي وڃڻ جو فيصلو نه ٿيو آهي. ڊاڪٽرز ۽ اسپتالون خوف ۾ آهن، ڇو ته جيڪڏهن علاج ۾ ڪا غلطي ٿئي ته الزام انهن تي ايندو.انهي صورتحال سبب، جيل ۾ ڊاڪٽرز وڃي معائنو ڪندا، رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪئي ويندي، پر اسپتال ۾ وٺي نه ويندا. جيڪڏهن دٻاءُ وڌندو، شايد پوءِ اسپتال جو فيصلو ڪيو وڃي، پر هاڻي تائين ڪابه حتمي فيصلي نه آهي.
عمران جي صحت جو معاملو ڊيل واري بحث کان مٿانهون؟
اسلام آباد( عبدالقيوم صديقي )سينئر صحافي حماد حسن چيو آهي ته عمران خان جي صحت وارو معاملو معاملو ڊيل يا نو ڊيل جي بحث کان وڌيڪ سنجيده آهي. ڊيل جي ڳالهه پشاور ۾ هڪ ميٽنگ دوران ٿي، جنهن ۾ آرمي چيف پڻ شامل و جڏهن ته وزيراعظم کي نه ٻڌايو ويو،هن چيو ته سهيل آفريدي ان اجلاس کانپوءِ وزيراعظم سان مالي مسئلن، فاٽا مرجر فنڊ ۽ نئين سي ايوارڊ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، ۽ پوءِ ايپڪس ڪميٽي ۽ ٻين اجلاس ۾ مسئلا حل ٿيندا رهيا،هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي مداخلت بعد سلمان صفدر رپورٽ تيار ڪري اديالا کان واپس سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي، جنهن کان پوءِ ٻارن سان رابطو ۽ علاج جو انتظام ڪيو ويو. عمران خان جي اک ۾ مسئلو گهڻو سنجيده ناهي، پر عمر جي لحاظ سان علاج ضروري آهي،هن چيو ته پي ٽي آءِ جا ڪارڪن سخت نظم و ضبط وارا آهن، ۽ احتجاج محدود ۽ منظم آهي، جهڙوڪ سوابي انٽرچينج جي عارضي بندش. ڪجهه ٽرانسپورٽرز ۽ واپاري روزاني زندگي جي سهولتن لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن، جڏهن ته حڪومتي واعدن تي عمل نه ٿيڻ سبب ردعمل ظاهر ڪيو وڃي ٿو،هن چيو ته عمران خان جو علاج اسپيشلسٽ ڊاڪٽرز جي نگراني ۾ ڪيو ويندو ۽ ان معاملي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ويندي ۽ سڀ ڪجهه شفاف طريقي سان عملدرآمد ڪيو ويندو.