اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) پاڪستان ۾ بجلي جا اگهه وڌائڻ ۽ ٽيرف ۾ تبديلي جي حوالي سان آءِ ايم ايف ۽ پاڪستاني عملدارن ۾ ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن. آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته هو انهن ترميمن ذريعي معاشي استحڪام ۽ مهانگائي جي صورتحال کي پرکڻ چاهين ٿا. ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته بجلي جي اگهن ۾ تبديلي جو بار وچولي ۽ غريب طبقي نه پوڻ گهرجي، طريقيڪار اهڙو هجڻ گهرجي جنهن سان گهٽ آمدني وارا گهراڻا متاثر نه ٿين. ٻئي پاسي ماهرن جو خيال آهي ته حڪومت بجلي جي نظام ۾ وڏيون تبديليون آڻڻ چاهي ٿي جنهن سان هڪ پاسي صنعتن لاءِ بجلي سستي ٿي سگهي ٿي پر ٻئي پاسي ان سان مهانگائي ۾ واڌ جو خدشو آهي. پاڪستان ۾ بجلي جو شعبو ڊگهي وقت کان گردشي قرضن جي بار هيٺ آهي، واجب الادا بلن ۽ سبسڊين جو مجموعو حڪومت ۽ بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنين لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪري رهيو آهي. آءِ ايم ايف پروگرام تحت 2023 کان بجلي جي اگهن ۾ لاڳيتو واڌ ٿي رهي آهي. 7 ارب ڊالر جي وڏي قرض پروگرام جو جائزو ويجهو آهي. پاڪستان انهن شرطن کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جيئن معاشي نظام کي پٽڙي تي رکي سگهجي ۽ گردشي قرضن کي وڌڻ کان روڪي سگهجي.