معيشت ٺيڪ نه ٿي،پاڪستان کي آمريڪا يا چين مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي؟

اسلام آباد(سجاد انور )معاشي ماهر ڊاڪٽر اقدس افضل  چيو آهي ته  ٽي سال اڳ جڏهن هر ڪو سوشل ميڊيا تي چوندو هو ته پاڪستان ڊفالٽ ڪرڻ وارو آهي، ته مون کي لڳو ته جيوپوليٽيڪل اهميت جي ڪري، پاڪستان ڪڏهن به ڊفالٽ نه ڪندو، پوءِ ڏٺو ته آءِ ايم ايف ٽي، ٽي دفعا پاڪستان جي  معيشت کي بيل آئوٽ ڪيو،هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ هن چيو ته ٽي سال اڳ ناڻي جو ڦهلاءُ لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو هو، هاڻي تقريبن 5 سيڪڙو آهي،وياج شرح 21 سيڪڙو  کان 10.5سيڪڙو تائين آئي آهي، پر باوجود هن بهتري جي، عام ماڻهو جي زندگي اڃا تائين مشڪل آهي. ڇو ته ناڻي ڦهلاءُ  جي گهٽتائي مطلب اهو ناهي ته سڄي مهانگائي گهٽجي وئي آهي. حقيقي زندگي ۾  قيمتون اڃا به تمام گهڻو وڌيل آهن هن چيو ته هاؤس هولڊ انڪم اينڊ ايڪسپنڊچر سروي ڏيکاري ٿو ته عام پاڪستاني جي ڪيلوري انٽيڪ ۽ خوراڪ جو معيار گهٽجي ويو آهي.نيوٽريشن جي کوٽ سبب نوان صحت جا مسئلا ۽ دوائن تي اضافي خرچ ٿيندا.ورلڊ بئنڪ جي سروي مطابق، 22 سيڪڙو آبادي غربت جي لائين هيٺ آهي، ۽ سياسي غيراستحڪام ۽ ڪووڊ سبب وڌيڪ ماڻهن لاءِ غربت وڌي آهي. هن چيو ته عالمي نظام جيڪو پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ کان پوءِ وجود ۾ آيو، ۽ بعد ۾ سرد جنگ دوران مغربي دنيا (USA) پاران قائم ڪيل ادارن آءِ ايم ايف،ورلڊ بئنڪ،اي ڊي بي،ڊبليو ٽي او،يو اين ذريعي هموار ترقي ۽ انساني حقن لاءِ ڪم ڪيو، هاڻي اهو سسٽم ٽٽي رهيو آهي.يورپ ۾ ڊيموڪريسي واپس سخت قومي ۽ نسلي قومپرستي يا فاشزم ڏانهن وڃي رهي آهي،هن چيو ته چين کي ڊبليو ٽي او ۾  آڻڻ سان اميد هئي ته اهو ڊيموڪريٽڪ ٿيندو، پر چين ڊيموڪريٽڪ نه ٿيو.آمريڪا اندر پڻ، چين جي اقتصادي اثر سبب، ٽوٽلٽيرين يا فاشسٽ رجحان وڌي رهيو آهي.پاڪستان کي هن بدلجندڙ عالمي ماحول ۾ انتهائي محتاط قدم رکڻ گهرجن.هن چيو ته  پاڪستان-چين جي ٽريڊ 24 ارب ڊالر جي لڳ ڀڳ آهي، جنهن مان چين جو حصو 21.5 ارب آهي، ۽ پاڪستان جو صرف 2.5 ارب. آمريڪا ۽ انڊيا جا معاهدا پاڪستان کان وڌيڪ فائديمند آهن، پر اهي سڀ جيوپوليٽيڪل پس منظر ۾ آهن، پاڪستان کي مستقبل ۾ ڪنهن هڪ پاسي کي چونڊڻو پوندو،ڇو ته چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تڪرار جاري آهي.موجوده پاليسين کي جيوپوليٽيڪل ۽ اقتصادي لحاظ سان متوازن رکڻ ضروري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.