رحيم يار خان (م ڊ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته جيل اڳواڻن جو ٻيو گهر هوندا آهن، 14 سال عوام جي زور تي جيل ڪاٽيو آهي، مون اڳ ئي چيو هو ته ٻن سالن ۾ جيل پڇي ٿو، ڪجهه ماڻهو ڍيڍ سال جيل ۾ رهڻ کانپوءِ ئي چوڻ لڳا ته کير نٿو ملي ۽ هنن ڏيڍ سال اندر ئي رڙيون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون، صدر آصف علي زرداري جمال الدين والي ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته هُن پاڻ جيل جو تجربو ڪيو آهي ۽ چيو هو ته ٻن سالن بعد جيل جي اهميت سمجهي سگهجي ٿي، جڏهن ته اڄ جا ليڊر ڏيڍ سال به جيل ۾ نه ٿا رهن سگهن ۽ ڏيڍ سال ۾ ئي رڙيون ڪري شروع ڪري ڇڏيون اٿن، جمهوريت ۾ ڪٿي به ناهي لکيل ته هٿيار کنيا وڃن، جنگ ۾ نقصان توهان کي ٿيندو ڇو ته ڀاڻيجا ۽ ڀائٽيا به مري سگهن ٿا، آصف زرداري چيو ته موجوده ليڊر قرباني ڏيڻ جي اهل نه آهن، انهن وٽ همت ناهي ۽ صرف ڳالهيون ڪندا آهن، مون پاڻ 14 سال جيل ۾ گذاريا، تڪليفون برداشت ڪيون پر همت نه هاري، صدر آصف علي زرداري ٻڌايو ته جيل ۾ عبادت ڪرڻ گهرجي، جيل وڃڻ سان دعا قبول ٿيندي آهي، سڄي پاڪستان ۾ ڪامياب ٿينداسين ۽ ملڪ کي بهتر ڪنداسين، ايندڙ وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري هوندو.